سيوهڻ: ملڪيت جي لالچ ۾ پٽ ۽ پوٽن جون مبينا زيادتيون ، رٽائرڊ هيڊ ماستر جي فرياد، تحفظ لاءِ اعليٰ اختيارين کان اپيل

Spread the love

سيوھڻ (رپورٽ: محمد صفر ايم سيوھاڻي)سيوھڻ شھر جو معزز پيرسن سان پٽ ۽ پوٽن جون ملڪيت خاطر مبينا زيادتيون،  سيوھڻ ھاء اسڪول جي اڳوڻي رٽائرڊ ھيڊ ماستر  سيد محمد شاھ عرف غلام مرتضي شاھ جي پريس ڪانفرنس،  ھن صحافين اڳيان دانھندي چيو ته  منھنجو پٽ علي نواز شاھ ۽ ٻہ پوٽڙا مھتاب شاھ ۽ آفتاب شاھ ملڪيت خاطر جان جا ويري بڻجي ويا آھن،

 سالن کان منھنجي ذاتي ملڪيت ضبط ڪرڻ لاء مختلف طريقن سان ھيسائي ۽ ڌمڪائي رھيا آھن،جڏھن ته مون انھن جي حصي جي ملڪيت اڳواٽ ئي انھن کي ڏئي ڇڏي آھي، ھاڻ سندن نظرون منهنجي سموري جائيداد  ۾ آھن، ڪجھ وقت اڳ ۾ پڻ منھنجي ذاتي ملڪيت ڌوکيبازي تحت ٻين کي کپائي چڪا آھن،

 دانھون ڪرڻ تي مون کي پنھنجي ئي گھر ۾ قيد رکيو ويو، ھن وقت تائين مون کي اغوا ڪرائڻ جون ڌمڪيون ڏين ٿا، ھن چيو ته سيوھڻ جي سموري عوام مون کي چڱي ريت سڃاڻي ٿي، آئون سڄي زندگي سيوھڻ شھر ۾ تعليم کي ارپي آھي، ھن چيو ته سيوھڻ جي عوام کي  واضع طور ٻڌايان ٿو ته منھنجي ملڪيت جو زميوار مان خود آھيان، منھنجي پٽ ۽ پوٽڙن کان ڪنھن به دڪان مسافر خانو يا ملڪيت مان ڪا شيء ورتي ته ان جو ذميوار ھو پاڻ ھوندو،

 جڏھن ته اھڙو بيان اڳ ئي مان مختلف اخبارن ۾ پڻ شايع ڪرائي چڪو آھيان،ھن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ،  ڊي آء جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي ڄامشورو کان مطالبو ڪيو آھي ته زندگي کي خطرو آھي، ملڪيت تي قبضو ڪندڙن سميت ڌمڪيون ڏيندڙ سمورن جوابدارن خلاف قدم کنيون وڃي،  ۽ مونکي تحفظ ۽ انصاف فراھم ڪيو وڃي.

مَي 15, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو