ڄامشورو: پيرسن سان پٽ ۽ پوٽن جون مبينا ذيادتيون، سيوهڻ جي رٽائرڊ هيڊ ماستر جي دانهن – انصاف لاءِ اعليٰ اختيارين کان اپيل

Spread the love

ڄامشورو  (رپورٽ: محمد وارٽ) ڪوٽڙي نهايت شريف ۽ معزز انسان پيرسن سان پٽ ۽ پوٽن جون ملڪيت خاطر مبينا ذيادتيون سيوھڻ ھائي اسڪول جي اڳوڻي رٽائرڊ ھيڊ ماستر  سيد محمد شاھ عرف غلام مرتضي شاھ سيوهاڻي جي پريس ڪانفرنس  ھن صحافين اڳيان دانھندي چيو ته  منھنجو پٽ علي نواز شاھ ۽ ٻـ پوٽرا مھتاب شاھ ۽ آفتاب شاھ ملڪيت خاطر جان جا ويري بڻجي ويا آھن سالن کان منھنجي ذاتي ملڪيت ضبط ڪرڻ لاء مختلف طريقن سان ھيسائي ۽ ڌمڪائي رهيا آهن جڏھن ته مون انھن جي حصي جي ملڪيت اڳواٽ ئي انھن کي ڏئي ڇڏي آھي

ھاڻ سندن نظرون منهنجي سموري ملڪيت ۾ آھن ڪجھ وقت اڳ ۾ پڻ منھنجي ذاتي ملڪيت ڌوڪيبازي تحت ٻين کي کپائي چڪا آھن دانھون ڪرڻ تي مون کي پنھنجي ئي گھر ۾ قيد رکيو ويو ھن وقت تائين مون کي اغوا ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏين ٿا ھن چيو ته سيوھڻ جو سمورو عوام مون کي چڱي طرح سڃاڻي ٿي

 آئون سڄي زندگي سيوھڻ شھر ۾ تعليم سان وابسطا رهيو آھيان ھن چيو ته سيوھڻ جي عوام کي  واضع طور ٻڌايان ٿو ته منھنجي ملڪيت جو زميوار مان خود آھيان منھنجي پٽ ۽ پوٽرن کان ڪنھن به دڪان مسافر خانو يا ملڪيت مان ڪا شيء ورتي ته ان جو زميوار ھو پاڻ ھوندو جڏھن ته اھڙو بيان اڳ ئي مان مختلف اخبارن ۾ پڻ شايع ڪرائي چڪو آھيان

ھن سي ايم سنڌ مراد علي شاھ ڊي آئي جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي ڄامشورو کان مطالبو ڪيو ته زندگي کي خطرو آھي ملڪيت تي قبضو ڪندڙن سميت ڌمڪيون ڏيندڙ سمورن جوابدارن خلاف ڪاروايون ڪري انصاف فراھم ڪيو وڃي.

مَي 15, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو