سڄي ملڪ ۾ موٽر ويز جي ٻنهي پاسن کان وڻ پوکڻ جو فيصلو

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) موسمياتي تبديليءَ جي ناڪاري اثرن کان بچڻ لاءِ ملڪ ۾ موٽر ويز جي ڪنارن تي وڻ پوکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
موسمياتي تبديلي سڄي دنيا کي متاثر ڪيو آهي ۽ پاڪستان به متاثر ملڪن مان هڪ آهي، حڪومت انهن حالتن کي ڏسندي ملڪ ۾ ماحول دوست ڪلچر اپنائيندي ”وڻ پوکيو گرمي ڀڄايو“ جي اصول تي عمل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ان مقصد لاءِ مواصلات ۽ موسمياتي تبديلي واري وزارت سڄي ملڪ ۾ موٽر ويز جي ٻنهي پاسن کان وڻ پوکڻ جو منصوبو شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ان مهم جو مقصد نه رڳو موسمياتي تبديليءَ جي اثرن کان تحفظ حاصل ڪرڻ آهي پر موٽر ويز تي سفر کي خوشگوار بڻائڻ ۽ ماحول کي بهتر بڻائڻ به آهي.
ان سلسلي ۾ مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان زرعي ماهرن ۽ آبادگارن کي به ڀرپور سهڪار جي اپيل ڪئي آهي.
هن چيو ته پهرئين مرحلي ۾ ملڪ جي سمورن موٽر ويز تي ۽ ان کان پوءِ ٻين شاهران تي به وڻ لڳايا ويندا، ٻئي منصوبا تمام اهم ۽ عوام دوست آهن.
سندس چوڻ هو ته جيئن جيئن موسمياتي حالتون تبديل ٿي رهيون آهن، گرميءَ جو عرصو ڊگهو ٿيندو پيو وڃي، اهڙي صورتحال ۾ وڻن جي اهميت اڃا به وڌي وئي آهي.

مَي 15, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو