ڀارت جنگبندي جي ڀڃڪڙي ڪئي ته تڪڙو جواب ڏينداسين: ڊي جي آءِ ايس پي آر

Spread the love

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته جيڪو به اسان جي سرزمين ۽ خود مختياري جي ڀڃڪڙي جي ڪوشش ڪندو ته اسان جو جواب بي رحماڻو هوندو.
برطانوي ميڊيا سان گفتگو ڪندي ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت ٻئي ايٽي ملڪ آهن، سنگين ڇڪتاڻ تباهي جو ڪارڻ بڻجندي، جيڪڏهن ڀارت سمجهي ٿو ته هو پاڪستان خلاف جنگ ڪندو ته ان سان خطي ۾ تباهي ايندي.
هن چيو ته آمريڪا جهڙا ملڪ جوهري خطرن کي ڏسندي ڀارتي عزمن کي چڱي ريت ڄاڻي چڪا آهن، ڀارت اندروني معاملو قرار ڏئي ڀارتي فوج جي موجودگي سان ڪشميرين کي هراسان ڪري رهيو آهي، ڪشمير مسئلو سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن موجب حل ٿيڻ گهرجي.
سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن ڀارت جنگبندي جي ڀڃڪڙي ڪئي ته پاڪستان تڪڙو جواب ڏيندو.

مَي 15, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو