ڪنگ سلمان رليف سينٽر طرفان سنڌ سميت ملڪ جي 33 ضلعن ۾ 30 هزار فوڊ پيڪيجز جي ورهاست

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي ڪنگ سلمان رليف سينٽر طرفان پاڪستان جي 33 ضلعن ۾ 30 هزار خوراڪ جا پيڪيجز ورهايا ويا، جن مان 2 لک کان وڌيڪ ماڻهو فائدو حاصل ڪري چڪا آهن.
خميس ڏينهن اسلام آباد مان جاري ڪيل پڌرائي موجب ڪنگ سلمان هيومينٽيرين ايڊ اينڊ رليف سينٽر قومي ۽ صوبائي ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽيز جي سهڪار سان فوڊ سيڪيورٽي سپورٽ پراجيڪٽ جي ٻئي مرحلي ۾ 33 ضلعن ۾ 30 هزار خوراڪ پيڪيجز جي ورهاست ڪاميابي سان مڪمل ڪئي آهي، جنهن مان 2 لک کان وڌيڪ ضرورتمند فائدو وٺي چڪا آهن.
جن ضلعن ۾ اها امداد ورهائي وئي، انهن ۾ گلگت بلتستان جا پنج ضلعا ديامر، استور، غذر، هنزه، شگر، آزاد جمون ۽ ڪشمير جا پنج ضلعا وادي نيلم، مظفرآباد، وادي جهلم، باغ، سڌنوتي، پنجاب جا ست ضلعا لاهور، ڊي جي خان، مظفر ڳڙهه، بهاولپور، اوڪاڙه، لئيه، بهاولنگر، سنڌ جا پنج ضلعا سکر، خيرپور، عمرڪوٽ، ڄامشورو، مٽياري، بلوچستان جا يارنهن ضلعا قلعو سيف الله،زوب، ڪڇي، لسٻيلو، قلات، ڊيرا بگٽي، ڪوئيٽا، قلعو عبدالله، سبي، لورالائي ۽ پشين شامل آهن.
هر فوڊ پيڪيج جو وزن 95 ڪلوگرام آهي، جنهن ۾ 80 ڪلو آٽو، 5 ليٽر کاڄرو تيل، 5 ڪلو کنڊ،5 ڪلو چڻن جي دال شامل آهي.
ڪنگ سلمان رليف سينٽر جو چوڻ آهي ته هي قدم پاڪستان مان خوراڪ جي کوٽ جي خاتمي ۽ حقدار خاندانن جي فلاح و بهبود لاءِ سينٽر جي مستقل وابستگيءَ جو عملي اظهار آهي.