ڀارت ٻيهر جارحيت ڪئي ته اهڙو جواب ڏينداسين، جيڪو ان سوچيو به نه هوندو: وزيراعظم

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي ڪابينا جي وزيرن، آرمي چيف جنرل عاصم منير ۽ چيف آف ايئر اسٽاف ظهير احمد بابر سڌو سان گڏ پسرور ڇانوڻي، سيالڪوٽ جو دورو ڪيو.آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم ”آپريشن بنيان مرصوص“ ۾ غير معمولي بهادري ۽ پيشيوراڻي ڪارڪردگي تي جوانن کي ڀيٽا پيش ڪئي.ان موقعي تي وزيراعظم کي جنگ ۽ تازي آپريشنل تيارين بابت تفصيل سان بريفنگ ڏني وئي.وزيراعظم هٿياربند فوجن جي مثالي ڪارڪردگي جي واکاڻ ڪندي چيو پاڪستان جي دلير فوج وطن جو بهادري سان دفاع ڪيو ۽ دشمن جي بزدلاڻي جارحيت کي فيصلائتي انداز سان انجام تائين پهچايو، تاريخ ياد رکندي ته ڪيئن صرف چند ڪلاڪن ۾ اسان جي فوج ڀارت جي بنا سبب جارحيت کي بيمثال پيشيوراڻي صلاحيت ۽ عزم سان خاموش ڪرائي ڇڏيو.فرنٽ لائين تي موجود آفيسرن ۽ بهادر جوانن سان ڳالهائيندي وزيراعظم سندن بلند حوصلي، غير معمولي مهارت ۽ مڪمل تيارين جي ساراهه ڪئي.آءِ ايس پي آر موجب وزيراعظم وڌيڪ چيو ته پاڪستان کي پنهنجي دلير پٽن تي انتهائي فخر آهي، اهي قوم جي مٿي جو تاج آهن.هن چيو ته معصوم شهرين خلاف کليل جارحيت سبب ٻارڙن، عورتن ۽ پيرسن ماڻهن جون شهادتون ٿيون، اهڙن ماڻهن کي دهشتگرد سڏڻ بيحد شرمناڪ آهي ۽ اها عالمي قانونن، اصولن ۽ اخلاقن جي کلي ڀڃڪڙي آهي.وزيراعظم چيو ته اسان جي اڻ ڌري جاچ جي آڇ باوجود ڀارت ڄاڻي واڻي اهڙو رستو اختيار ڪيو، ڇو ته ان وٽ ڪجهه به ثابت ڪرڻ لاءِ نه هو، ڀارت ڪوڙن الزامن، تڪبر ۽ انا جي بنياد تي جارحيت ڪئي، جنهن جو ان کي ڀرپور جواب مليو، ڀارت ٻيهر جارحيت ڪئي ته اهڙو جواب ڏينداسين، جيڪو ان سوچيو به نه هوندو.
مَي 14, 2025