سوڀوديرو: عورت جو چاچي ۽ ساٿين خلاف پلاٽ تي قبضو ۽ تشدد جو الزام، پوليس کان ڪارروائي جو مطالبو

Spread the love

سوڀوديرو (رپورٽ : ميرخان منڱڻيجو ) ھنڱورجا ھنڱورجا جي ڳوٺ الھڏنو جوڻيجو جي رھواسي عورت جو پنھنجي چاچي جي  مبينا ظلمن خلاف احتجاج ـ پلاٽ تي قبضي جا الزام ـ تفصيل موجب ھنڱورجا لڳ ڳوٺ الھڏنو جوڻيجوجي رھواسي  عورت مسمات روبينا جوڻيجو پنھنجي معصوم نياڻي سان گڏ پريس ڪلب پھچي   پنھنجي چاچي جي مبينا  ظلمن جي  خلاف احتجاج ڪندي الزام لڳايو آھي ت چاچو قدير احمد جوڻيجو پنھنجي  ساٿين فھيم جوڻيجو ـ بچل جوڻيجو سان گڏجي منھنجي پلاٽ تي زبردستي قبضو ڪري ان ۾ ڪمري جي  اڏاوت شروع ڪري ڇڏي آھي

منھنجي  منع ڪرڻ تي منھنجي مٿان وحشياڻو تشدد ڪيو  جنھن  خلاف ھنڱورجا ٿاڻي تي دانھنيو ب  آھي پر پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاء تيار ناھي

 جنھن سبب جوابدار مون کي منھنجي گھر ڀاتين کي کي قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن ھنن آء جي سنڌ ـ ڊي آء جي سکر ـ ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو آھي ت جوابدارن جي خلاف ڪاروائي ڪري مون کي پنھنجو پلاٽ ڏياريو وڃي ـ

مَي 13, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو