مٺي: گذريل 30 سالن کان ڏيپلو شھر جي تلو محلا وارڊ 3 ۾ رھندڙ اقليتي برادري بنيادي سهولتن کان محرروم، سراپا احتجاج
مٺي(ڊ-ر) ڏيپلو شھر جي تلو محلا جي رهواسين ليمون مينگهواڙ، وڪرم، راڻو مل، ميوارام ڏهاڻي، ڪرشن لال ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته اسان گذريل 30 سالن کان ڏيپلو شھر آباد ۾ آھيون ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جا ووٽر آھيون
مگر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اڃان تائين اسان کي ٽائون ڪاميٽي ڏيپلو طرفان ڪو به بنيادي سھولت نه ملي سگهي آھي ۽ هن جديد دور ۾ پڻ اڃان تائين اسان جون ڪچيون گليون آھي اسان جي محلي ۾ نه نالين جي سھولت، نہ واٽر سپلاءِ طرفان پاڻي، نه بجلي جا ٿنڀا آھن، نه اسٽريٽ لائيٽون، نہ نياڻين جي اسڪول آھي
بنيادي سهولتون نه هجڻ ڪري اسان عذاب واري زندگي گذاري رهيا آھيون ۽ اسان جو محلو پڻ گندگي جو ڍير بڻجي چڪو آھي. هنن وڌيڪ چيو ته اسان لاڳاپيل ادارن ۽ تڪ جي چونڊيل نمائندن کي شڪايتون ڏيئي ٿڪجي پيا آھيون
مگر بنيادي سهولتون ملي ناهن سگهيون. هنن سنڌ حڪومت سميت لاڳاپيل ادارن کان مطالبو ڪندي چيو آھي ته فوري فوري طور نوٽيس بنيادي سهولتون ڏيئي بي چيني ختم ڪرائي وڃي. ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
مَي 13, 2025