دادو: سيپڪو دادو ۾ پارٽ ٽائيم ملازمت تان فهيم ملاح جو اخراج، احتجاج
دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) سيپڪو دادو ۾ 10 سالن کان پارٽ ٽائيم تي ڪم ڪندڙ فهيم ملاح کي بناجواز نوڪري تان هٽايو ويو، متاثر نوجوان فهيم ملاح احتجاج ڪندي دانهيو تہ سال 2015 ۾ سيپڪو دادو ۾ پارٽ ٽائيم ڪنسنٽريشن سب ڊويزن دادو ۾ سينيٽري ورڪر ڀرتي ڪيو ويو
ان وقت صرف 6 هزار پگهار هئي هن چيو تہ سال 2024 جي يارهين مهيني ۾ بنا ڪنهن سبب جي ملازمت تان اچانڪ هٽايو ويو آهي ٻن مهينن جي پگهار به روڪي وئي آهي، فهيم ملاح وڌيڪ ٻڌايو تہ سيپڪو دادو ۾ پارٽ ٽائيم ۾ اهڙا به ملازم ڀرتي ٿيل آهن جيڪي ٻين صوبائي کاتن ۾ به ملازمت ڪري رهيا آهن، گرڊ اسٽيشن ۽ ٻين مختلف آپريشنل ۾ ماڻھو ڀرتي ڪيا ويا آهن جيڪڏهن گنجائش نہ هئي ته ٻين کي ڪهڙي قانون تحت ڀرتي ڪيو آهي، پهريان حق اسان جو آهي جيڪي گذريل ڏهن سالن کان ايمانداري سان ڪم ڪري رهيا آهن
هن چيو تہ اچانڪ ملازمت ختم ٿيڻ بعد گهرو معاملات خراب ٿي رهيا آهن، هن وزيراعظم پاڪستان، وفاقي وزير بجلي ۽ پاڻي سيڪريٽري واپڊا کان مطالبو ڪيو ته پارٽ ٽائيم ملازمت تي بحال ڪيو وڃي.
مَي 13, 2025