سڪرنڊ: سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي تعلقه ڪائونسل جو اجلاس، تنظيم جي سياسي صورتحال تي ڳالهايو ويو
سڪرنڊ(رپورٽ: راج ڪماراوڏ) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي تعلقه ڪائونسل جو اجلاس مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري رمضان ٻرڙو جي صدارت ۾ قاضي الھ ورايو ميمڻ ھال سڪرنڊ پريس ڪلب ٿي گذريو جنھن ۾ ضلعي صدر زين ڀٽو، ضلعي سيڪريٽري غلام مصطفي ڪيريو، ضلعي اڳواڻ گل حسن رند، تعلقي صدر ايوب کوسو تعلقہ سيڪريٽري علي سومرو، ليڊز فرنٽ اڳواڻ شمائلہ ڪيريو ۽ خوشبو لُنڊ سميت يوسين ۽ وارڊن جي عھديدارن شرڪت ڪئي .
اجلاس ۾ تنظيمي سياسي صورتحال جو جائزو ۽ ڪارڪنن عهديدارن جي ترتيب لاء پڻ سيشن رکيو ويو. ان موقعي تي صدارتي تقرير ڪندي رمضان ٻرڙو چيو ته ايس يو پي جي عهديدارن ۽ ڪارڪنن پاران ڪئنالن خلاف جدوجهد ۽ شهر جي ٻرندڙ مسئلن تي احتجاج ڪري نج عوامي تڪليفن خلاف آواز اٿارڻ ساراه جوڳو عملي قدم آهي.
هن چيو ته سيد زين شاه جي قيادت ۾ ڪئنالن ۽ ڪارپوتيٽ زمينن خلاف جدوجهد جاري آهي ۽ اسان سڀني کي ان جدوجهد کي تيز ڪرڻ لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪرڻو آهي.
هن چيو ته ايس يو پي جي جدوجهد ۾ عورتن کي شامل ڪرڻ لاءِ پڻ ڪوشش ڪرڻ گهرجي، ڇو ته عورتون اسان جي آباديءَ جو اڌ حصو آهن ۽ انهن کان سواءِ تبديلي نا ممڪن آهي. هن چيو ته اسان خودمختيار سنڌ چاهيون ٿا ۽ سنڌ جا وسيلن تي قبضو ٿيڻ نه ڏينداسين. اجلاس ۾ ميمبرشپ وڌائڻ ۽ ايس يو پي لاءِ ڪم ڪندڙن ۽ ھمدرد ماڻھن سان ملاقاتون ڪرڻ جي پڻ ھدايت ڪئي وئي.
مَي 13, 2025