سڪرنڊ: پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي اينڊ هاسپيٽل ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ ۽ وي سي ڊاڪٽر گلشن ميمڻ جي بدعنواني خلاف ايس ٽي پي جو احتجاج
سڪرنڊ(رپورٽ راج ڪماراوڏ)پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي اينڊ ھاسپيٽل نوابشاه ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ ۽ وي سي ڊاڪٽر گلشن ميمڻ جي بدعنوانيءَ خلاف ايس ٽي پي سڪرنڊ پاران ضلعي نائب صدر حاڪم انڙ ۔ گل انقلابي، سليم مگسي، حسين بخش ڪيريو، گلزار انڙ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ قاضي سرفراز ميمڻ چوڪ تي سخت نعريبازي ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
جتي مٿين اڳواڻن سميت راشد ملاح، اختر مگسي ۔ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪروڙين رپين جي بجيٽ باوجود نوابشاه اسپتال بنيادي سهولتن کان وانجهيل آهي. مڪمل ميڊيڪل مشينري هوندي ايڪسري ۽ ٽيسٽون ٻاهران ڪرايون وڃن ٿيون. مسڪين ۽ بي پهچ مريضن کي اسپتال ۾ موجود دوائون فراهم ڪرڻ بدران ٻاهرين اسٽورن تان خريد ڪرايون وڃن ٿيون. هنن چيو ته وي سي ڊاڪٽر گلشن ميمڻ ھڪ بد عنوان آفيسر آهي،
جيڪو مختلف مدن ۾ ڀجيٽ ھڙپ ڪري وڃي ٿو ۽ مريضن کي ڪا به سهولت ميسر ناهي. اسپتال ۾ پرائيويٽ ليبارٽرين سان ڳٺجوڙ ڪري ڪميشن سسٽم قائم ڪيو ويو آهي. هنن چيو ته ڊاڪٽر گلشن ميمڻ کي فوري طور هٽايو وڃي ۽ اسپتال کي بنيادي سهولتون فراهم ڪري مريضن جو بهتر علاج ڪيو وڃي. ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
مَي 13, 2025