دادو: ميونسپل چيئرمين پير دانش علي پاران عملي سان ملاقاتون، شهر جي صفائي، اسٽيٽ لائيٽ ۽ انڪروچمينٽ سميت مسئلن جي حل لاءِ سخت حڪم

Spread the love

دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) ميونسپل ڪاميٽي دادو چيئرمين پير دانش علي وائيس چيئرمين خالد حسين ميراڻي سان گڏجي ميونسپل ڪاميٽي آفيس ۾ ميونسپل آفيسرن، يونين اڳواڻن صفائي عملي، انڪروچمينٽ عملي، اسٽريٽ لائيٽ عملي سان ڌار ڌار ملاقات ڪئي

 عملي کان دادو شھر ۾ صفائي کي يقيني بڻائڻ  ۽ ملازمن جي جائز ڪمن کي حل ڪرڻ  آيل ڪائونسلرن ۽ شھرين  کان پڻ مسئلن بابت آگاھي معلوم ڪري حل ڪرڻ لاءِ سخت حڪم ڏنا، پير دانش علي چيو ته اسان کي عوام چونڊيو آهي،

سندن ڪم ڪرڻ اسان جو فرض آهي، پيپلزپارٽي عوامي خدمت تي يقين رکي ٿي، هي اسان جو شھر آھي ھن کي خوبصورت ڪرڻ اسان جو فرض آهي، جڏهن ته چيئرمين وڪيلن جي ليگل ٽيم سان پڻ ملاقات ڪئي.

مَي 13, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو