ڀارتي حملن ۾ 40 شهري ۽ 11 جوان شهيد ٿيا: آءِ ايس پي آر

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) 6 ۽ 7 مئي جي وچ واري رات ڀارتي حملن ۾ پاڪ ايئرفورس جي اسڪواڊرن ليڊر سميت 11 اهلڪار شهيد ٿيا، جڏهن ته 200 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، ڀارتي فوج ان حملن دوران عورتن، ٻارن ۽ بزرگن سميت معصوم شهرين کي نشانو بڻايو. شهيدن 7 عورتون ۽ 15 ٻار شامل آهن 40 شهري شامل آهن، جڏهن ته زخمين ۾ 10 عورتون ۽ 27 ٻارن سميت مجموعي طور 121 شهري زخمي ٿيا.
آءِ ايس پي آر موجب، ڀارتي جارحيت جي جواب ۾ پاڪ فوج دليراڻو ۽ اثرائتو ردعمل ڏنو ۽ دشمن جي ارادن کي ناڪام بڻايو. ان ڪارروائي دوران پاڪ فوج جا 11 جوان شهيد ٿيا ۽ 78 جوان زخمي ٿيا.
شهيدن ۾ پاڪ آرمي جا 6 جوان نائڪ عبدالرحمان خان، لانس نائڪ دلاور خان، لانس نائڪ اڪرام الله، نائڪ وقار خالد، سپاهي محمد عديل اڪبر ۽ سپاهي نثار شامل.
ان کانسوءِ پاڪ ايئرفورس جي شهيدن ۾ اسڪواڊرن ليڊر عثمان يوسف، چيف ٽيڪنيشن اورنگزيب، سينيئر ٽيڪنيشن نجيب، ڪارپورل ٽيڪنيشن فاروق ۽ سينيئر ٽيڪنيشن مبشر شامل آهن.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته شهيدن جي قربانيون قوم جي همت، جذبي ۽ حب الوطني جي علامت آهن، شهيدن جو نالو هميشه عزت سان ورتو ويندو.
آءِ آءِ پي آر موجب، قوم دشمن جي ڪنهن به اڳرائيءَ آڏو هڪ ۽ پرعزم آهي ۽ پاڪستان جي خودمختياري يا علائقائي سلامتي کي چئلينج ڪرڻ جي ڪنهن به ڪوشش جو ڀرپور ۽ فيصلائتو جواب ڏنو ويندو.

مَي 13, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو