فورسز ۽ قوم الرٽ رهي، مودي پلاند وٺڻ لاءِ ٻيهر ڪا چريائپ ڪندو: عمران خان

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف باني عمران خان چيو آهي ته مودي هن وقت سخت ڪاوڙ ۾ آهي ۽ هو پلاند جي چڪر ۾ وري چريائپ ڪندو، تنهن ڪري فورسز ۽ قوم کي الرٽ رهڻو پوندو.
اڊيالا جيل ۾ پنهنجي ڀيڻ عليما خان سان ملاقات ۾ عمران خان چيو ته پاڪستاني قوم ۽ فورسز کي الرٽ رهڻو پوندو، مودي پاڪستان کان سخت نفرت ڪري ٿو، هو هن وقت سخت ڪاوڙ ۾ آهي، پلاند وٺڻ لاءِ هو ٻيهر به ڪا چريائپ ڪندو.
هن چيو ته جنگ ۾ فوري طور ردعمل ڏيڻ ضروري هوندو آهي، جنگ ۾ 60 سيڪڙو گيم دماغ جي هوندي آهي، مون کي خدشو آهي ته بدترين شڪست کانپوءِ مودي ٻيهر ڪجهه ڪندو.