پاڪستان سنڌ طاس معاهدي تحت پنهنجي حقن جي حفاظت لاءِ هر ضروري قدم کڻندو: پرڏيهي کاتو

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي چڙڏياريندڙ ۽ نفرت جوڳن بيانن کي سختي سان رد ڪري ڇڏيو آهي.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان اهڙن بيانن کي مڪمل طور تي رد ڪري ٿو، جيڪي خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ خطرناڪ آهن.
ترجمان موجب مودي جو بيان غلط ٺا۾ ۽ سياسي مفادن تي ٻڌل آهي، جيڪو خطي جي امن لاءِ هاڃيڪار آهي.
پرڏيهي کاتي واضح ڪيو آهي ته پاڪستان سنڌ طاس معاهدي تحت پنهنجي آبي حقن جي حفاظت لاءِ هر ضروري قدم کڻندو.
ترجمان موجب، پاڪستان پاڻ ڀارت جي سرپرستي هيٺ ٿيندڙ دهشتگردي جو شڪار آهي، جڏهن ته پاڪستان دهشتگردي جي لعنت خلاف وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، جن کي سڄي دنيا تسليم ڪري ٿي.
ترجمان چيو ته پاڪستان سدائين ڪشمير مسئلي جي پرامن حل جو حامي رهيو آهي، جيڪو گڏيل قومن جي ٺهرائن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن پٽاندڙ هئڻ گهرجي.
ترجمان جو چوڻ هو ته ڀارتي وزيراعظم جو بيان عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهي ۽ اهو ڏيکاري ٿو ته ڪيئن ڪوڙا بيانيا گهڙي جارحيت جو جواز پيدا ڪيو ويندو آهي.
ترجان موجب، پاڪستان جو امن لاءِ عزم کي قطعي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، مستقبل ۾ ڪنهن به اڳرائي جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو.
ترجمان موجب پاڪستان جو جواب فوجي ٿاڪن تائين محدود ۽ محتاط هو، جنهن سان ڀارتي فوجي صلاحيتن کي نشانو بڻايو ويو.
هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان عالمي برادري کان اپيل ڪئي آهي ته هو ڀارتي بيانن ۽ روين جو سنجيدگي سان جائزو وٺن، ڇو ته اهڙا قدم خطي کي تباهي ڌڪڻ جو سبب بڻجي سگهن ٿا.

مَي 13, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو