ڇور ۾ پاڪ فوج کي خراجِ تحسین، دشمن فوج کي شڪست ڏيڻ تي جشن
ڇور ( لالجي سوڍو) ڇور ۽ آسپاس جي مختلف مسلمانن ۽ ھندو برادري ماڻھن وڏي تعداد ۾ ڇور ڪينٽ جي مين گيٽ تي پھچي پاڪ فوج جي آفيسر ۽ اھلڪارن کي دشمن ملڪ جي فوج جي سامھون مقابلو ڪري فتح حاصل ڪرڻ جي خوشي ۾ گلن جا ھار پرايا ويا ۽ گلن جي ورکا ڪئي
ان موقعي تي گڏ ٿيل ماڻھن عورتن ۽ ٻارڙن پاڪ فوج زنده آباد ۽ پاڪستان زنده جا زوردا نعرا ھنيا ويا ان موقعي پاڪ فوج جي ڪيپٽن حسام پاران عوام جو شڪريو ادا ڪيو ھتي موجود ڪائونسلر احسان منگريو , عمر اعجاز نھڙي , حاجي ابراھيم شام سنگھ , لجپت راء, اڪو مل ڀيل , مصري , رمضان منگريو , غلام رسول نھڙي , استاد گلشير منگريو , مڌن سنگھ , مھاوير , دسرت سوڍو ۽ ٻين چيو ته اسان پاڪ فوج جي جوانن کي جس پيش ڪريو ٿا
جن بھادري سان مقابلو ڪري ڀارتي فوج کي شڪست ڏئي ڪاميابي حاصل ڪئي آھي اسان ھر موڙ تي پاڪ فوج سان گڏ آھيون.
مَي 12, 2025