سڪرنڊ ۾ “ڊجيٽل تبديلي ذريعي سنڌ کي سمارٽ اقتصادي مستقبل ڏانهن وٺي وڃڻ” موضوع تي سيمينار منعقد

Spread the love

سڪرنڊ (رپورٽ: راج ڪماراوڏ) شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي، شهيد بينظير آباد جي انفارميشن ٽيڪنالاجي ڊپارٽمينٽ پاران يونيورسٽي جي ملٽي پرپز ھال ۾ “ڊجيٽل تبديلي ذريعي سنڌ کي سمارٽ اقتصادي مستقبل ڏانهن وٺي وڃڻ” جي عنوان سان ھڪ ڏينهن وارو سيمينار منعقد ڪيو ويو.

 يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر انجينيئر پروفيسر ڊاڪٽر مدد علي شاھ جي ھدايتن تحت ٿيندڙ ھن سيمينار ۾ سنڌ حڪومت جي آئي ٽي ڊپارٽمينٽ جي ڊائريڪٽر جنرل  ڊاڪٽر رانا شهزاد قيصر، استادن ۽ شاگردن سان عنوان تي ڳالھائيندي چيو ته سنڌ جي نوجوانن کي ٽيڪنالاجيءَ سان هم آھنگ ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، ته جيئن سمارٽ ۽ پائيدار اقتصادي مستقبل جي تعمير ٿي سگهي.

 ھن وڌيڪ چيو ته  ڊجيٽل جدت، پاليسي فريم ورڪ، ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي واڌاري تي ڌيان ڏنو وڃي جيئن شاگردن ۽ شاگردياڻين جي تعليمي شعور اضافو ٿي سگھي. ان موقعي تي انفارميشن ٽيڪنالاجي ڊپارٽمينٽ جي چيئرمين ڊاڪٽر معراج نبي ڀٽي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اهڙا سيمينار علمي ماحول کي وڌائين ٿا ۽ نوجوانن ۾ جدت، تحقيق ۽ تخليق جي جذبي کي پروان ڏين ٿا. ان سان جدت کي فروغ ملي ٿو ۽ سنڌ جي ڊجيٽل تبديليءَ ۾ اثرائتو ڪردار ادا ڪري سگهجي ٿو.

مَي 12, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو