سڪرنڊ ۾ “عظمتِ والدين” جي عنوان هيٺ جلسو منعقد، والد جي ايثال ثواب لاءِ نوجوان منير احمد چانڊيو جي ڪوشش

Spread the love

سڪرنڊ ( رپورٽ: راج ڪماراوڏ) سڪرنڊ لڳ ڳوٺ قيصر خان چانڊيو ۾ ” عظمتِ والدین ” جي عنوان هيٺ جلسو منعقد ڪيو ويو جيڪو ڳوٺ جي نوجوان منير احمد چانڊيو پنهنجي والد جي ايثال ثواب لاءِ سندس چاليهي جي موقعي تي ڪرايو جنهن ۾ منير احمد چانڊيو کي خانداني پڳ پڻ ٻڌرائي وئي

 ان موقعي تي علامه عاشق حسين راجپر قرآن و حديث جي روشني ۾ والدين جي عظمت ۽ فِضيلت تي تفصيلي بيان ڪيو جلسي ۾  ڪافي تعداد ۾ علائقي جا معززين شريڪ ٿيا جن ۾ خان محمد چانڊيو ، مجيب الرحمان چانڊيو ، آفتاب احمد چانڊيو ، حاجي الهبچايو چانڊيو ، خالد حسين چانڊيو . خادم حسين چانڊيو شامل هئا

جڏھن ته مختلف مذهبي شخصيتن پڻ جلسي ۾ شرڪت ڪئي جن ۾ محمد الدين چانڊيو ، حافظ محمد مٺل سڪندري سميت سوين عاشقان رسول شامل هئا ان کان اڳ ، حافظ دوست علي خاصخيلي، حافظ حبيب الله خاصخيلي،، خادم حسين خاصخيلي ، غلام علي خاصخيلي آيل مهمانن جو آڌر ڀاءُ ڪيو.

مَي 12, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو