سڪرنڊ ڀرسان باهه جي ڏنداڙي، 40 کان وڌيڪ گهر سڙي رک، لکين جو نقصان
سڪرنڊ (رپورٽ: راج ڪماراوڏ) سڪرنڊ ويجهو ڳوٺ قيصر خان چانڊيو ۽ غلام حيدر چانڊيو ۾ ڀرسان بيٺل پل ۽ ڪنگور ۾ لڳل باھ تيز هوا سبب سڄي ڳوٺ کي وڪوڙي وئي.
نتيجي ۾ مصري چانڊيو، سعيد خان، محبوب، شبير، وزير چانڊيو، نثار موچي، راڻو ، اياز، سليمان، محمد سليم ، عبدالجبار، عطا محمد، در محمد، سڌير، مجاهد، قدير سميت 40 کان وڌيڪ ڳوٺاڻن جا گهر سڙي رک ٿي ويا آهن. جڏهن ته باهه سبب گهرن ۾ پيل سمورو سامان پڻ سڙي رکي ٿي ويو آهي. جڏهن ته باھ وسائڻ لاءِ سڪرنڊ، قاضي احمد، نوابشاهه جون فائر برگيڊ گاڏيون باھ وسائڻ ۾ مصروف آهن. هوڏانهن ايم پي اي غلام قادر چانڊيو، آفتاب چانڊيو سميت علائقي جا سوين ماڻھو موقعي تي پهچي ڳوٺاڻن جي هر ممڪن مدد ڪري رهيا هئا.
جيئن ته ڳوٺاڻن ۽ ڀرپاسي جي ماڻھن جي پنهنجي مدد پاڻ تحت جاني نقصان کان بچاءُ ٿي ويو. پر اناج، هنڌ بسترا، کٽون، ٿانوَ ٺڪر باھ سبب سڙي رک ٿي ويا.
مَي 12, 2025