سکر: سينيئر سماجي اڳواڻ سيد شفقت علي شاھ پاران پاڪ ڀارت جنگ روڪڻ تي صدر ٽرمپ کي ڀيٽا

Spread the love

سکر (رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ)سينيئر سماجي اڳوڻ ايڊوڪيٽ سيد شفقت علي شاھ پاڪ ڀارت جنگ ۽ خطي ۾ امن جي بحالي لاء مثبت ڪردار ادا ڪرڻ تي آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو آھي

صدر ٽرمپ پاران  بروقت پاڪ ڀارت جنگ کي روڪائي لکين خاندانن جي زندگين کي بچائي ورتو جاري ڪيل بيان ۾ سيد شفقت علي شاھ جو چوڻ ھو ته ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته پاڪستاني فوج دشمن فوج تي حاوي رهي ۽ ڀارت خلاف 40 منٽن جي جوابي حملي ڀارت حڪومت کي جهڪڻ تي مجبور ڪيو

جڏهن ته  امريڪا جي صدر ڪشمير مامري کي حل ڪرائڻ لاء پڻ اظھار ڪيو آھي جيڪڏهن ڪشمير مسئلو مذاڪرات ذريعي حل ٿي ويو ته خطي ۾  امن ٿيندو جنهن سان علاقائي ترقي ۽ خوشحالي ايندي۔ڪشمير مسئلي حل ڪرائڻ ۾ پاڪ ڀارت کي سنجيدگي جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي۔

مَي 12, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو