پاڪستان ۽ ڀارت جي ڊي جي ايم اوز جو هاٽ لائين تي رابطو، جنگ بندي جاري رکڻ تي اتفاق

پاڪستان ۽ ڀارت جي ڊائريڪٽر جنرلز آف ملٽري آپريشنز (ڊي جي ايم اوز) جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه دوران جنگ بندي جاري رکڻ تي اتفاق ٿي ويو آهي.
سيڪيورٽي ذريعن موجب پاڪستان ۽ ڀارت جي ڊي جي ايم اوز جي وچ ۾ سيزفائر لاءِ ايندڙ حڪمت عملي طئي ڪرڻ لاءِ رابطو ٿيو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊي جي ايم اوز جي وچ ۾ هاٽ لائن تي ڳالهه ٻولهه جو پهريون مرحلو مڪمل ٿي ويو آهي. ڀارتي ميڊيا موجب ٻنهي ملڪن جي ڊي جي ايم اوز جي ڳالهه ٻولهه ۾ جنگ بندي جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي.
ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ٻنهي ملڪن جي فوجن جي وچ ۾ هاڻ ڪا به فائرنگ نه ٿيندي، شهري آباديءَ کي نشانو نه بڻايو ويندو ۽ پاڪستان ۽ ڀارت طرفان ڊرون ذريعي ڪا به مداخلت نه ڪئي ويندي.
ان کان اڳ صبح جو ڀارتي ميڊيا دعويٰ ڪئي هئي ته ڊي جي ايم اوز جي ڳالهه ٻولهه شروع ٿي وئي آهي ۽ هاڻي باقاعدي رابطو به ٿي ويو آهي.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن آمريڪا جي ٽياڪڙي سان پاڪستان ۽ ڀارت فوري جنگ بندي تي متفق ٿيا هئا ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سيزفائر جو اعلان ڪيو هو. ان موقعي تي اهو به ٻڌايو ويو هو ته پاڪستان ۽ ڀارت جي ڊي جي ايم اوز 12 مئي تي ڳالهه ٻولهه ڪندا.
مَي 12, 2025