ڀارتي فوج ڊيڄاري نٿي سگهي، ملڪ جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻون ٿا: آرمي چيف

Spread the love

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)آرمي چيف جنرل عاصم منير جو چوڻ آهي ته مُلڪِي سالميت جو دفاع ڪيئن ڪرڻو آهي، اهو اسين چڱيءَ ريت ڄاڻون ٿا.

ڀارت کي منهن ٽوڙ جواب ڏيندڙ آپريشن “بنيانٌ مرصوص” جي ڪاميابي کان پوءِ پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر پاران آرمي چيف جنرل عاصم منير جي بيانن تي ٻڌل هڪ وڊيو جاري ڪئي وئي آهي جنهن ۾ کيس مُلڪي سالميت ۽ خودمختياري بابت ڳالهيون ڪندي ٻڌي سگهجي ٿو.

وڊيو ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير چوندي ٻڌائي ٿو ته الحمدلله! تاريخ اهو ثابت ڪيو آهي ته پاڪستاني فوج ۽ قوم هر جارحيت خلاف سڄي سگهه سان سيهي جي ڀت بڻجي بيٺا آهن.

آرمي چيف جو چوڻ هو ته علائقائي سالميت ۽ خودمختياري جي تحفظ لاءِ پاڪستان وٽ مڪمل دفاعي صلاحيت موجود آهي، مُلڪي سالميت جو دفاع ڪيئن ڪرڻو آهي، اهو اسين چڱيءَ ريت ڄاڻون ٿا.

جنرل عاصم منير جو چوڻ هو ته 13 لک ڀارتي فوج پنهنجي مڪمل هٿياربند طاقت سان به اسان کي نه ڊڄاري نٿي سگهي، نه ئي ڌمڪائي سگهي ٿي. اسان جا ابا ڏاڏا ۽ اسان پاڻ به هن ملڪ لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن ۽ اسان ان جي حفاظت ڪرڻ به ڄاڻون ٿا.

ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽننٽ جنرل احمد شريف چوهدري جو چوڻ آهي ته اسين ڀارت جي طاقت، مڪارِي ۽ جارحيت کان ڊڄڻ ٿيڻ واري قوم نه آهيون.

ياد رهي ته 22 اپريل تي والاريل ڪشمير جي علائقي پهلگام جي سياحتي مرڪز تي فائرنگ ڪري 26 ماڻهن کي قتل ڪيو ويو، جنهن تي پاڪستان نه رڳو فوري طور مذمت ڪئي پر ڀارت کي ان معاملي جي شفاف جاچ لاءِ هر قسم جي سهڪار جي آڇ به ڪئي۔

تنهن هوندي به ڀارت جي هندو انتهاپسند حڪمران جماعت بي جي پي، واقعي جي ڪجهه منٽن اندر بنا ڪنهن ثبوت جي پاڪستان تي الزام لڳايو ۽ سياسي مقصدن لاءِ پهلگام فالس فليگ آپريشن کي جواز بڻائيندي پاڪستان ۽ عالمي بئنڪ جي وچ ۾ هلندڙ دريائن جي پاڻي جي ورڇ واري سنڌ طاس معاهدي کي معطل ڪري ڇڏيو.

پاڪستان طرفان واضع طور چيو ويو ته ڀارت هڪ طرفو سنڌ طاس معاهدو ختم نٿو ڪري سگهي، جيڪڏهن ڀارت پاڪستاني دريائن جي پاڻي جي وهڪري کي روڪڻ يا رخ موڙڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان کي جنگ تصور ڪيو ويندو. بچاءَ واري وزير خواجا آصف جو چوڻ هو ته پاڻي اسان جي لائف لائن آهي، جيڪڏهن ڀارت اسان جي پاڻيءَ تي ڊيم ٺاهيا ته انهن جو ڍانچو تباهه ڪري ڇڏينداسين.

پاڪستان جي واضع پيغامن جي باوجود ڀارت نه مڙيو ۽ 6 ۽ 7 مئي جي وچين رات آزاد ڪشمير ۽ پاڪستان جي 5 هنڌن تي بمباري ڪئي، جنهن جو پاڪ فوج پاران ڀرپور جواب ڏيندي دشمن جا 3 رافيل سميت 5 ويڙهاڪ جهاز تباهه ڪيا ويا.

مَي 12, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو