ملير: گلشن معمار پوليس جي سانوڻ خاصخيلي ڳوٺ تي چڙهائي، چادر چوديواري جي ڀڃڪڙي، تشدد، گرفتارين خلاف احتجاجي مظاهرو

Spread the love

ملير (ذوالفقار علي نصيراڻي ) گلشن معمار پولیس سانوڻ خاصخيلي ڳوٺ تي ڪاھ ڪري هڪ گهرجي  ڀاتين کي تشدد جو نشانو بڻائي   4 ڀائرن کي گرفتار  ڪيس داخل ڪري ڇڏيو

جنهن خلاف ساوڻ خاصخيلي ڳوٺ جي  رهواسين  گڏاپ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي ۽  پوليس جي زيادتين خلاف  دانهون ڪندي ٻڌايو ته پوليس  سانوڻ خاصخيلي ۾  چادر چوديواري جو تقدس پائمال ڪري راول خاصخيلي، محمد اسلم، حافظ محمد آصف، محمد اعجاز کي گرفتار ڪري 3 الڳ الڳ ڪيس داخل ڪيا ان سلسلي ڳوٺاڻن ٻڌايو ته   گلشن معمار پولیس جا 2 اهلڪار ساڍن ڪپڙن ۾ رات جو نشي ۾ ڌت ٿي گهرن ۾ گهڙيا پڪڙي پوليس حوالي ڪيا پوليس معذرت ڪئي

 ان بعد 5 کان وڌيڪ پوليس موبائيل ۾ سوار اهلڪارن ڪاھ ڪري تشدد ۽ گرفتاريون ڪيون گلشن معمار ٿاڻي جو ايس ايڇ او غفار ڪورائي، چوڪي انچارج نديم تنولي ظلم جا پهاڙ ڪيرايا آهن پوليس گرفتاريون ڪري هٿيار ۽ منشيات رکڻ جا ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا آهن هنن ٻڌايو ته صدين کان ويٺل آهيون

 پوليس ڪاھ ڪري اسان سان وڏو ظلم ڪيو آهي ايس ايس پي اولھ طارق الاهي مستوئي، ڊي آءِ جي اولھ عرفان بلوچ کان مطالبو ڪريون ٿا ته شفاف انڪوائري ڪري انصاف ڪيو وڃي اسان کي ايس ايڇ او غفار ڪورائي ۽ چوڪي انچارج مان خطرو آهي اسان جي گهرن مان سون روڪ رقم پڻ کڻي ويا آهن پوليس انصاف نه ڪيو ته عدالت جو دروازو کڙڪايو ويندو.

مَي 11, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو