سکر : کوسا برادري پاران مارجي ويل ٽن نوجوانن سميت 4 ڄڻن جي قاتل جي گرفتاري لاءِ فريشي ڳوٺ ۾ احتجاجي مظاهرو
سکر ( رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ) سکر جي قريشي ڳوٺ ۾ ٻه هفتا اڳ مارجي ويل کوسا برادري جي ٽن نوجوانن سميت 4 ڄڻن جا قاتل گرفتار نه ٿيا.
کوسا برادري پاران جوابدارن جي گرفتاري لاء. فريشي ڳوٺ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ان موقعي تي مظاهرين سهڻو خان کوسو. زاهد حسين. عمران علي. ظهير عباس کوسو ۽ ٻين چيو ته 5 جنوري 2024 تي جتوئي برادري مصراني پاڙي جي ڏوهارين اسان جو نوجوان قتل ڪيو هيو جنهن جي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاء 2 هفتا اڳ جوابدار غلام مصطفي مصراني غلام سرور مصراني. سميت 10 هٿياربندن شهر م گهري دڪان مٿان حملو ڪري سمير کوسو. علي حيدر کوسو. شيراز کوسو ۽ دڪان تي ڪم ڪندڙ معصوم پورهيت عبدالله چوهاڻ کي قتل ڪري ڇڏيو.
جڏهن ته رستي ويندڙ عورت سمٽ ٻه ڄڻا زخمي پڻ ٿي پيا هيا ۔هنن چيو ته واقعي جو ڪيس نئون پنڌ ٿاڻي تي داخل ڪرايو آهي پر ٻه هفتا گذرن باوجود پوليس ڪابه ڪاروائي ناهي ڪئي.هڪ به جوابدار گرفتار ناهي ٿيو. هنن چيو ته جوابدار کلي عام اسان کي ۽ پوليس کي ڌمڪيون ڏئي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري رهيا آهن پوء به پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاء تيار ناهي اسان جا جوان پوليس چوڪي اڳيان ماريا ويا
پر پوليس هن وقت تائين خاموش تماشائي بڻيل آهي. هنن اعلي اختيارين کان گهر ڪئي ته ڏوهاري قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ ايس ايس پي سکر ۽ ڊي آ۽ جي سکر جي آفيس اڳيان سخت احتجاج ڪري پاڻ سارينداسين ۽ ان جي ذميوار سکر پوليس هوندي.
مَي 11, 2025