سنڌ حڪومت پڇڙي جي آبادگارن تائين پاڻي پهچائڻ لاءِ کير ٿر ڪينال ۽ دادو ڪينال جي ڊي سلٽنگ جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو
سکر (رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ) سنڌ حڪومت پڇڙي جي آبادگارن تائين پاڻي پهچائڻ لاءِ کير ٿر ڪينال ۽ دادو ڪينال جي ڊي سلٽنگ جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو، صوبائي وزير ۽ سيڪريٽري آبپاشي سکر پهچي ويا، کيرٿر ڪينال ۽ دادو ڪينال جي ڊي سلٽنگ 7 مئي تي منصوبي جو آغاز ڪيو ويو جيڪو 10 جون تائين مڪمل ٿيندو، کيرٿر ڪينال ۽ دادو ڪينال جي ڊي سلٽنگ کي پروفيشنل انداز ۾ مڪمل ڪيو پيو وڃي۔
ٺيڪيدار سيد نسيم شاهه
خبر موجب صوبائي وزير آبپاشي ڄام خان شورو ۽ سيڪريٽري آبپاشي ظريف کيڙو کيرٿر ڪينال ۽ دادو ڪينال جو دورو ڪري ڊي سلٽنگ جي ڪم جو جائزو ورتو، صوبائي وزير ڄام خان شورو جو چوڻ هو ته پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تي اندروني سنڌ جي سمورن آبادگارن کي فصل لاءِ پاڻي جي فراهمي مڪمل طور يقيني بڻائڻ لاءِ ڪينالن کي مضبوط ڪرڻ ۽ ڊي سلٽنگ جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي،
ان سلسلي ۾ نارا ڪينال جي لائنگ ۽ پچنگ کانپوءِ اين ايس ڪمپني جي انتظامن هيٺ جديد مشينري ذريعي دادو ڪينال ۽ کيرٿر ڪينال جي ڊي سلٽنگ جو ڪم به ڪيو ٿو وڃي،
اميد آهي ته 10 جون تائين ڪم مڪمل ٿي ويندو جنهن بعد کيرٿر ڪينال ۽ دادو ڪينال جي پڇڙي وارن آبادگارن تائين انهن جي حصي جو پاڻي مڪمل طريقي سان پهچي ويندو،
صوبائي وزير جي دوري دوران ٺيڪيدار سيد نسيم شاهه ٻڌايو ته کيرٿر ڪينال ۽ دادو ڪينال جي ڊي سلٽنگ کي پروفيشنل انداز ۾ مڪمل ڪيو پيو وڃي ته پاڻي جي رفتار تيز ٿي سگهي ۽ آبادگارن کي وڌ کان وڌ پاڻي فراهم ٿي سگهي.
مَي 11, 2025