سڪرنڊ: اڳوڻي ايم اين اي سيد شبير احمد شاهه ۽ اڳوڻي صوبائي وزير سيد بشير احمد شاهه جي ڀيڻ وفات ڪري وئي
سڪرنڊ ( رپورٽ: راج ڪماراوڏ ) اڳوڻي ايم اين اي سيد شبير احمد شاھ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير سيد بشير احمد شاھ جن جي ڀيڻ ، قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاھ ، اڳوڻي تعلقه ناظم سيد غلام علي شاھ ۽ سيد محمود شاھ جي پُڦي رضاءِ الاهي سان وفات ڪري وئي جنهن کي سيدن جي اباڻي قبرستان محرابپور ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو جڏھن ته مرحومه جو تڏو سيد هائوس محرابپور ٿي وڇايو ويو آهي
ان کان اڳ مرحومه جي جنازي نماز ۾ علائقي جي معتبر شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جن ۾ ا قومي اسمبلي اسپيڪر اياز صادق خان محمد ڏاهري ايم پي اي غلام قادر چانڊيو آصفه ڀٽو زرداري سيد فصيح شاه چوڌري جاويدآرائين ، ايس يو پي جي مرڪزي صدر سيد زين شاھ جو فرزند سيد مجيب مرتضيٰ شاھ . رئيس نور احمد لاکو ، عبدالطيف ملاح ۔۔رئيس امتياز حسين راهو ، سردار شهزاد لاکو ، شوڪت حسين کيڙو ،عطا محمد سيال، رئيس غلام رسول مگسي ، تاج محمد مگسي ، نثار احمد کيڙو ، حاجي علي نواز چانڊيو ، چيئرمين ٽائون ڪاميٽي جو چيرمين سيد عذير اختر شاھ ، سيد احسان شاھ ، ، رئيس وحيد راهو ، غلام مرتضيٰ مگسي ، ڊاڪٽر اي ڊي ڪيريو ، قربان ڪيريو سميت ڪئي شخصيتون شامل هيون۔
ٻئي طرف سڪرنڊ پريس ڪلب جي صدر مير محمد ڪيريو محمد صديق منڱيو قاضي جاويد سنائي رضا محمد سيال ولي محمد ڀٽي عبدالله مگسي خليل راجپوت غلام حيدر سولنگي عبدالرحيم جمالي راج ڪماراوڏ ۽ ٻين تعزيت جو اظهار ڪيو.
مَي 11, 2025