سکر: پاڪ فوج جي حمايت ۽ پاڪستان جي شاندار فتح جي خوشي ريلي ڪڍي وئي

Spread the love

سکر ( رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ) پاڪ فوج جي حمايت ۽ پاڪستان جي شاندار فتح جي خوشي ۾ سکر موٽر ورڪس ايسوسيئيشن پاران سيد سجاد علي شاھ ۔اڪرم مستوئي ۔محبوب حسين۔نعيم مغل۔شھزاد۔اڪبر مغيري۔شبير بودي جي اڳواڻي ۾ ڊينٽر پينٽر مڪينڪ ڪالوني بس ٽرمينل سکر کان مسترين جي وڏي انگ ريلي ڪڍي سکر شڪارپور روڊ تي ڀارت خلاف نعري بازي ڪئي ۽ پاڪستاني فوج جي حمايت ۾ نعرا هنيا

 ان موقعي تي اڳواڻن پاڪستان جي جنگ ۾  شاندار فتح تي پاڪستاني قوم کي مبارڪ باد ڏيندي چيو ته پاڪستان پر امن ملڪ آھي

 جڏهن ته شيطاني ذھنيت رکندڙ هندستاني وزير اعظم نريندر مودي بلاجواز پاڪستان مٿان جنگ مڙھي پنهنجي ملڪ جي تباهي ڪرائي پاڪ فوج جي هڪ ڪاروائي جي ڊٻ نه جهلي سگهيو ۽ امريڪي صدر جي پيرن تي ڪري جنگ بندي ڪرائڻ لاء منٿون ڪيون۔اڳواڻن چيو ته پاڪ فوج ايماني جذبي سان ملڪ جي سلامتي لاء بقاء جي جنگ وڙھي دنيا کي ثابت ڪري ڏيکاريو ته پاڪستاني فوج دنيا جي بهترين فوج آھي

 جنهن دشمن کي هڪ حملي ۾ ڌير ڪري ڇڏيو اسان پاڪستاني فوج جي آرمي چيف سميت ٻين جرنيلن ۽ جوانن کي سلام پيش ڪيون ٿا جن وطن جي حفاظت لاء بيمثال قربانيون ڏئي دشمن کي جهڪڻ تي مجبور ڪيو۔پاڪ فوج زنده باد ۔پاڪستان پائنده باد۔

مَي 11, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو