ڇور ۾ پاڪ فوج سان اظهار يڪجهتي طور شھر ين پاران هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ جهنڊا کڻي ريلي ڪڍي وئي
ڇور (رپورٽ: لالجي سوڍو ) ڇور ۾ پاڪ فوج سان اظهار يڪجهتي ۽ ڀارتي جارحيت خلاف شھر واسين طرفان هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ جهنڊا کڻي ريلي ڪڍي وئي.
ريلي ۾ شهرين ۽ سياسي سماجي اڳواڻن سميت شاگردن پاران وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري ريلوي ڦاٽڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي
جتي شھري اڳواڻن نورمحمد ٿري اصغر غوري يوسف قريشي نواز علي نھڙي بابو ناغڙ عنايت سومرو ۽ ٻين اڳواڻن جو چوڻ هو ته مودي سرڪار ۽ ڀارتي فوج گذريل 7 مئي تي رات جي اونداهي ۾ پاڪستان تي حملا ڪري ڪيترن ئي پاڪستاني شهرين کي پڻ شهيد ڪري ڇڏيو اهڙي ڀارتي جارحيت خلاف پاڪ فوج جي جوانن پاران وڏي دليري ۽ همٿ سان ڀرپور جواب ڏنو جنهن تي اسان پاڪ فوج کي پڻ خراج تحسين پيش ڪيون ٿا.
هنن چيو ته ڀارت هميشه پاڪستان ۽ پاڪستاني فوج خلاف پروپگينڊا ڪري پنهنجي دهشتگرد چهري کي پوري دنيا آڏو وائکو ڪيو آهي. پر پاڪستان جي حڪومت هميشه امن محبت ۽ ڀائيچاري جي ڳالهه ڪئي آهي.
هنن چيو ته اسان ڀارت جي اهڙي جارحيت جي سخت مذمت ڪيون ٿا ۽ پاڪستان جي سرحدن جي دفاع جو وچن ٿا ڪيون ته اسين پاڪ فوج سان گڏ آهيون ۽ ڪنهن به اڳرائي جو مودي سرڪار ۽ ڀارتي فوج کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ لاءِ پاڪ فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي گڏ بيٺل آهيون .
مَي 11, 2025