ايس ايس پي ٿرپارڪر عادل ميمڻ پاران پنهنجي آفيس ۾ اردلي روم منعقد

Spread the love

مٺي(ڊ-ر) ايس ايس پي ٿرپارڪر عادل ميمڻ پاران پنهنجي آفيس ۾ اردلي روم منعقد ڪيو ويو جتي پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن جا مسئلا ٻڌا ويا ۽ پينڊنگ شوڪاز نوٽيسن تي احڪامات جاري ڪيا ويا،

تفصيل موجب: ايس ايس پي ٿرپارڪر عادل ميمڻ معمول موجب اڄ پنهنجي آفيس ۾ اردلي روم ڪوٺايو جنهن ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن شرڪت ڪئي. اردلي روم دوران پيش ٿيندڙ سمورن پوليس اهلڪارن جي پينڊنگ شوڪاز نوٽيسن تي حڪم نامو جاري ڪيو ويو جڏهن ته انهن ٻيا مسئلا پڻ غور سان ٻڌا ويا. ان موقعي تي ايس ايس پي عادل ميمڻ اهلڪارن کي هدايت ڪندي چيو ته هو پنهنجي ڊيوٽي ايمانداري، ديانتداري ۽ ذميواري سان سرانجام ڏين بغير ڪنهن سبب جي غير حاضري کان پاسو ڪن ۽ عوام سان خوش اخلاقي، احترام ۽ محبت سان پيش اچن.

مَي 11, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو