نئون ڪوٽ لڳ سومرو ڀيل قتل ڪيس جا مُک جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو
مٺي(ڊ-ر) نئون ڪوٽ لڳ قتل ٿي ويل پ پ پ مينارٽي ونگ جي اڳواڻ ۽ نوجوان سماجي ڪارڪن سومرو ڀيل قتل ڪيس جا مُک جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف ڀيل سجاڳ فورم پاران پريس ڪلب مٺي اڳيان بي آئي ايف جي مرڪزي صدر ديدار ڀيل، پهلاج ڀيل، لالچند ڀيل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،
مظاهري ۾ شرڪت ڪندڙن جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ پڻ کنيا هئا جڏهن ته مظاهرين قاتلن جي گرفتاري لاءِ سخت نعري بازي پڻ ڪئي.
ان موقعي تي ڳالهائيندي اڳواڻن مطالبو ڪيو ته مُک قاتل راجا رند سميت ٻين جوابدارن کي جلد کان جلد گرفتار ڪري سومرو ڀيل جي خون سان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
مَي 11, 2025