مٺي ضلعي انتظاميا ٿرپارڪر پاران پاڪ فوج جي ڪامياب ڪارروائي تي جشن ريلي

Spread the love

مٺي(ڊ-ر) ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون ٿرپارڪر رياض احمد شيخ جي اڳواڻي ۾ پاڪ جي ڪامياب ڪارروائي تي جشن ريلي ڪڍي ڪيڪ ڪاٽيو ويو،

 ضلعي انتظاميا پاران جشن آزادي ريلي گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول مٺي کان ڪشمير چوڪ مٺي تائين ريلي ڪڍي وئي، ان موقعي تي ريلي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر مٺي فريد حنيف، ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ٿرپارڪر ڊاڪٽر ليکراج سارنگاڻي، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر نصرالله ساهڙ، ڊي ايس پي مٺي ماجد قائمخاني، صدر واپاري ايسوسيئشن شام سندر سميت ضلعي آفيسر، سول سوسائٽي ۽  سماجي اڳواڻن، اسڪول جي شاگردن سميت شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ڪشمير چوڪ مٺي تي جشن ريلي جو ڪيڪ ڪٽي پاڪ فوج زنده باد، پاڪستان زنده باد جا نعرا هنيا ويا.

مَي 11, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو