عالمي دنيا پاران پاڪ-ڀارت جنگ بندي جي آجيان

واشنگٽن(م ڊ)پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ اعلانيل جنگ بنديءَ تي عالمي برادري مثبت ردعمل ڏنو آهي، جنهن ۾ گڏيل قومون، سعودي عرب، ايران، برطانيا ۽ جرمني خاص طور تي شامل آهن،
گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ، پاڪ-ڀارت جنگ بنديءَ مان اميد رکجي ٿي ته اها خطي ۾ پائيدار امن لاءِ مددگار ثابت ٿيندي، هن چيو ته جنگ بندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وڏن ۽ پراڻن مسئلن جي حل لاءِ هڪ سازگار ماحول پيدا ڪندي،
سعودي نائب وزيرِ خارجہ عادل الجبير به جنگ بنديءَ جو آڌرڀاءُ ڪندي پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ وزيرِ خارجہ اسحاق ڊار سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ امن جي اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو،
ساڳئي وقت ايران، برطانيا ۽ جرمني به پنهنجي بيانن ۾ جنگ بنديءَ جي واکاڻ ڪئي آهي.
مَي 11, 2025