دشمن سان اهو ڪيو جيڪو باوقار قوم کي سونهين پيو: وزيرعظم شهباز شريف

Spread the love

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)وزيراعظم شهباز شريف چيو ته الله انهن ماڻهن کي پسند ڪري ٿو، جيڪي سندس راهه ۾ قطارون ٻڌي وڙهن ٿا، اڄ مان سڄي پاڪستاني قوم کي مبارڪباد ڏيان ٿو، غيرت مند پاڪستانين کي دل جي گهراين سان سلام پيش ڪريان ٿو، اسان دنيا تي ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته پاڪستاني قوم خوددار آهي، جيڪڏهن ڪو به اسان جي خودمختياري کي للڪاريندو ته اسان پنهنجو دفاع ڪندي رڪ جي ڀت بڻجي دشمن تي غالب ايندا آهيون.

وزيراعظم چيو ته ڀارت کلي جارحيت جو مظاهرو ڪيو، تازن ڏينهن ۾ دشمن جيڪا ڪارروائي ڪئي، اها کلي جارحيت هئي، اسان جي فوج پيشيوراڻي انداز ۾ جواب ڏئي عسڪري تاريخ جو هڪ سنهري باب لکيو، ڀارت بي سبب اسان تي جنگ مڙهي، اسان بنا دير غير جانبدار جاچ جي آڇ ڪئي، اسان بار بار برداشت جو مظاهرو ڪيو، پر جڏهن گھمنڊي دشمن اسان جي سرحدن جي ڀڃڪڙي جي ناڪام ڪوشش ڪئي ته اسان اهو فيصلو ڪيو ته دشمن کي اُن جي ئي زبان ۾ جواب ڏنو وڃي، جيڪا هو سمجهي ٿو.

وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان جي شاهينن ڪجهه ئي ڪلاڪن ۾ ڀارتي فوج جي توپن کي اهڙي ريت چپ ڪرايو جو اها ڳالهه تاريخ ۾ ياد رکي ويندي، دشمن جا رافيل جهاز اسان جي شاهينن جي نشاني تي اچي ناڪام ٿيا، اسان دشمن سان اُهو ڪيو، جيڪو هڪ باوقار قوم کي زيب ڏيندو آهي، سڄي قوم پاڪ فوج سان رڪ جي ڀت وانگر گڏ بيٺل آهي. پاڪ فوج جي جوانن جو رت دشمن جي ناپاڪ ارادن خلاف جوش سان اُٿڻ لڳو، ڀارت جا ايئربيسز ڪجهه ئي وقت ۾ کنڊر بڻجي ويا، پاڪستان اصولن جي بنياد تي فتح حاصل ڪئي آهي، هي شڪر جو لمحو آهي، جنهن ۾ قوم پاڪ فوج تي محبت جا گل نڇاور ڪيا.

هن چيو ته مان پاڪ فوج جي سربراهن ۽ سڀني بهادر جوانن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو۔ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف جنرل ساحر شمشاد، آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير، ايئر چيف ۽ نيوي چيف جو پنهنجي طرفان ۽ سڄي قوم طرفان شڪريو ادا ڪريان ٿو۔ ايئر چيف ۽ انهن جي شاهينن کي مان دل جي گهرائين سان شاباش ڏيان ٿو، جن اسان جا سر فخر سان مٿي ڪري ڇڏيا۔

وزيراعظم چيو ته شهيد ارتضيٰ عباس اهڙو گل هو، جيڪو کلڻ کان اڳ ئي مرجھائي ويو، مان هر شهيد جي ماءُ جي صبر کي عقيدت سان سلام پيش ڪريان ٿو، جن پنهنجا پٽ وطن تي قربان ڪري ڇڏيا۔ مان ملڪ جي سموري سياسي قيادت ۽ پارليامينٽ جو دل سان شڪريو ادا ڪريان ٿو، سياسي قائدين بي مثال اتحاد جو مظاهرو ڪيو۔ مان پنهنجي قائد نواز شريف ۽ صدر مملڪت آصف علي زرداري جي مدبرانه مشاورت جو شڪريو ادا ڪريان ٿو، صحافين ۽ سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙن جو به شڪريو ادا ڪريان ٿو، جن ڀارت جي جعلي خبرن جو ذميواراڻي رپورٽنگ سان مقابلو ڪيو.

وزيراعظم عالمي اڳواڻن ڊونلڊ ٽرمپ، محمد بن سلمان، محمد بن زايد، شيخ تميم ۽ رجب طيب اردگان جو به شڪريو ادا ڪيو.

هن چيو ته جيڪڏهن مان چين جو خاص طور تي شڪريو ادا نه ڪريان ته اڄ جي اها تقرير اڌوري رهندي، چين پاڪستان جي 78 سالن جي تاريخ ۾ هر مشڪل گهڙيءَ ۾ ڀرپور ساٿ ڏنو آهي۔

وزيراعظم چيو ته اسان هڪ ذميوار رياست طور جنگبندي کي مثبت انداز ۾ قبول ڪيو آهي، ۽ مون کي پورو يقين آهي ته هاڻي جمون ۽ ڪشمير سميت سڀني حل طلب معاملن لاءِ پرامن ڳالهين جو رستو اختيار ڪيو ويندو.

تقرير جي آخر ۾ هن پاڪستان زندا آباد جا نعرو هنيو.

مَي 11, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو