دادو: گورنمينٽ گرلس اسڪول جڳت آباد ۾ حب الوطني پروگرام، پاڪ فوج سان يڪجهتيءَ جو اظھار

Spread the love

دادو (رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) گورنمينٽ گرلس اسڪول جڳت آباد دادو ۾ حب الوطنيءَ سان سرشار پروگرام منعقد ٿيو، جتي شاگردياڻين، استادن ۽ اسڪول انتظاميا پاڪ فوج سان ڀرپور يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو،

 پاڪستان زنده باد ۽ پاڪ فوج زنده باد جا نعرا فضا ۾ گونجي اٿيا، جيڪي حب الوطنيءَ جي جذبي جي سچي عڪاسي ڪري رهيا هئا. ان موقعي تي هيڊ ماسترياڻي زليخان ڀٽي خطاب ڪندي چيو ته پاڪ فوج اسان جي ملڪ جي سرحدن جي محافظ آهي، جنهن هر ڏکئي وقت ۾ وطن جو سينو ٿي، دشمن جي هر حملو ناڪام بڻايو آهي.

 ڀارت جي هٿان ٿيندڙ ڪنهن به جارحيت جو جواب اسان جي بهادر فوج ڀرپور طريقي سان ڏنو آهي ۽ اسان کي پنهنجي فوج تي فخر آهي، موجوده حالتن ۾ پاڪ فوج جي قربانين کي ساراهيو ۽ چيو ته شاگردن ۽ نوجوان نسل کي گهرجي ته هو پنهنجي ملڪ سان وفاداري، قرباني ۽ خلوص جو جذبو پنهنجي دلين ۾ پيدا ڪن،

شاگردياڻين پاڪ فوج جي حق ۾ نظمون، تقريرون ۽ نعرا پيش ڪري جذبات جو اظهار ڪيو، اسڪول جي اسٽاف پڻ ڀرپور نموني سان پروگرام کي ڪامياب بڻايو، هيءُ پروگرام نه رڳو پاڪ فوج سان محبت ۽ يڪجهتيءَ جو اظهار هو، پر اهو هڪ سبق پڻ هو ته ملڪ سان وفاداري صرف لفظن نه پر عملن سان ظاهر ڪئي ويندي آهي،

 جڳت آباد جي استادن ۽ شاگردن اهو ثابت ڪري ڏيکاريو، قومون تڏهن زنده رهنديون آهن، جڏهن سندن نئون نسل پنهنجن محافظن کي عزت، محبت ۽ ڀرپور سهڪار ڪري ٿو،

مَي 10, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو