ملير جي نوجوان حبيب الله خاصخيلي فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن ۾ پلاننگ آفيسر جو امتحان پاس ڪري ورتو

Spread the love

ملير(ذوالفقار علي نصيراڻي) ملير ٻھراڙي جي نوجوان حبيب الله خاصخيلي  فيڊريل پبلڪ سروس ڪميشن ۾ پلاننگ آفيسر  جو لکت وارو امتحان پاس ڪري ورتو سندس والد يونس اي ڪي خاصخيلي  کي سياسي سماجي اڳواڻن جون مبارڪون اميد ته نوجوان حبيب الله زباني امتحان ۾ به ڪاميابي ماڻي ملير واسين جو نالو روشن ڪندو

ڪامياب نوجوان جي والد سياسي سماجي اڳواڻ يونس اي ڪي جو چوڻ آھي ته ملير  ٻھراڙين جي نوجوانن ۾ صلاحيتون موجود آھن کين موقعا ملڻ گهرجن هن چيو ته منهنجو پٽ باصلاحيت آھي اميد تي زباني امتحان پاس ڪري  ملير جو نالو روشن ڪندو ڪامياب نوجوان حبيب الله خوشي جو اظھار ڪندي ٻڌايو ته ملير ٻھراڙين جا نوجوان باصلاحيت آھن

مون محدود وسيلن باوجود وڏي محنت سان فيڊريل پبلڪ سروس ڪميشن ۾ پلاننگ آفيسر جي 17 گريڊ جي پوسٽ لاء لکت وارو امتحان پاس ڪيو آھي اميد اٿم ته زباني امتحان به پاس ڪري وٺندس.

مَي 10, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو