اسٽيل ٽائون پوليس پاران فياض ناريجو جي قتل خلاف عدالت ۾ ٻڌڻي

Spread the love

ملير (ذوالفقار علي نصيراڻي) اسٽيل ٽائون پوليس پاران مبينا مقابلو ڄاڻائي فياض ناريجو کي قتل ڪرڻ وارو واقعو، مارجي ويل گهگهر جي رهواسي  پورهيت جي امڙ حول خاتون طرفان ملير ڪورٽ ۾ ايس ایچ او خلاف  درخواست تي ٻڌڻي، ملير جي چار جي ايڊيشنل جج جي عدالت طرفان  ايس ايڇ او اسٽيل ٽائون علڻ عباسي سميت 20 ڄڻن مٿان ايف آء آر داخل ڪرڻ جو حڪم، ايس ايڇ او  کان سواء پوليس اهلڪارن محمد ايوب, قاسم, ڪريم داد کان سواء 15 کان ويھن نامعلومن کي ڌر بنايو ويو

 تفصيل موجب اسٽيل ٽائون پوليس پاران 4مئر تي مبينا مقابلو ڄاڻائي فياض ناريجو کي قتل ڪرڻ وارو واقعي خلاف   مارجي ويل پورهيت جي امڙ حول خاتون طرفان ملير ڪورٽ ۾ ايس ایچ او خلاف داخل  درخواست جي  ٻڌڻي ملير  چار جي ايڊيشنل جج جي عدالت ۾ ٿي ان مان قلعي تي عدالت ايس ايڇ او اسٽيل ٽائون علڻ عباسي سميت 20 ڄڻن مٿان ايف آء آر داخل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي جنهن م  ايس ايڇ او  کان سواء پوليس اهلڪارن محمد ايوب, قاسم, ڪريم داد کان سواء 15 کان ويھن نامعلومن کي ڌر بنايو ويو آهي ايڊوڪيٽ نثار ناريجو ٻڌايو ته 

4 مئي تي اسٽيل ٽائون پوليس فياض ناريجو کي گهگهر مان پنهنجي دڪان تان کنڀي ٻن ڏينهن بعد مقابلو ڄاڻائي مارڻ جي دعويٰ ڪئي هئي عدالت کان مٿانهين قتل حبس بيجائي کنڀي گم ڪرڻ جي ايف آءِ آر اڄ داخل ڪرائي ويندي ڪراچي بار جي صدر عامر وڙائچ سميت ملير بار جا وڪيل پڻ عدالت ۾ پيش ٿيا

 ڪيس جي پيروي ايڊوڪيٽ سپريم ڪورٽ عامر نواز وڙائچ ايڊوڪيٽ هاءِ ڪورٽ نثار احمد ناريجو ايڊوڪيٽ سپريم ڪورٽ دائود ناريجو ايڊوڪيٽ سپريم ڪورٽ اشرف سمو ۽ ملير بار جو جنرل سيڪريٽري اياز چانڊيو وائيس پريزيڊنٽ اڪرم قريشي ڪئي.

مَي 10, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو