سکر ۾ ڀارتي جارحيت خلاف انجمن طلباء اسلام جو احتجاجي مظاهرو

Spread the love

سکر( رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ) سکر ۾ اسلامي شاگردن جي تنظيم انجمن طلباء اسلام سکر ضلعي پاران ڀارتي جارحيت خلاف ۽ پاڪستاني فوج جي حمايت ۾ ڪارڪنن جي وڏي انگ ۾ ورڪشاپ روڊ سکر تي اسلامي شاگردن جي تنظيم سکر جي اڳواڻ علامه عبدالولي قادري جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو

 ان موقعي تي اسلامي شاگردن جي تنظيم سکر جي اڳواڻ علامه عبدالولي قادري ۽ ٻين پاڪستاني فوج کي ڀارتي جارحيت جو جواب ڏيڻ تي زبردست خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته پاڪستان اسان جي بزرگن جي قربانين سان ٺهيو آهي ۽ ان جي حفاظت لاءِ اسان پنهنجي بهادر فوجن سان گڏ پنهنجي جانن جو نذرانو پيش ڪرڻ لاءِ تيار آهيون ۽ پاڪستاني فوجن سان گڏجي سرحدن جي حفاظت لاءِ گڏ  بيٺل آهيون.

پاڪستاني فوج ڀارتي جارحيت جو جواب ڏئي رهي آھي پاڪستاني فوج ڀارتي جارحيت جي سخت مذمت ڪندي ڀارت جي مختلف شهرن جي سربراهه تي فخر جو اظهار ڪيو آهي.

 پاڪستان جي هٿياربند فوج پاران هندستاني حملن جي دفاع ۾ جيڪي قدم کنيا ويا آهن اهي قابل تعريف آهن. پاڪستاني قوم ملڪ جي دفاع ۽ استحڪام لاءِ پنهنجي بهادر هٿياربند فوج ۽ قومي سلامتي ادارن سان گڏ بيٺل آهي.

هن جو چوڻ  ته اسلامي فرضن مان هڪ اهم ترين فرض جهاد في سبيل الله به فرض آهي جيڪو امت مسلمہ جي سربلندي جو سبب بڻيو آهي. پوري قوم پاڪستان جي سلامتي ۽ تحفظ لاءِ متحد آهي،

 هنن مطالبو ڪيو ته عالمي برادري ڀارت جي امن دشمن قدمن جو نوٽيس وٺي ۽ حڪومت ڀارتي دهشتگردي جو معاملو عالمي سطح تي اٿاري.

مَي 10, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو