سکر: پيپلز پارٽي اقليتي ونگ پاران سيد وقار مهدي کي سينيٽر چونڊجڻ تي واڌايون

Spread the love

سکر ( رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ) پاڪستان پيپلز پارٽي اقليتي ونگ سکر جي جنرل سيڪريٽري راج ڪمار ۽ فيڊريشن آف پاڪستان چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي اقليتي معاملن بابت معاون صدر گرو داس وڌواڻي سيد وقار مهدي کي سينيٽر چونڊجڻ تي واڌايون ڏنيون.انهن وزيراعليٰ هائوس ۾ قائم سيد وقار مهدي جي آفيس ۾ ملاقات ڪري کيس گلن جو گلدستو پيش ڪيو ۽ سندن ڪاميابي تي نيڪ تمنائون پيش ڪيون. ان موقعي تي راج ڪمار ۽ گرو داس وڌواڻي اميد ظاهر ڪئي ته سيد وقار مهدي سينيٽ ۾ اقليتن جا مسئلا اجاگر ڪرڻ ۽ جمهوري قدرن جي واڌاري لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندا.

مَي 10, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو