سڪرنڊ: پرائمري استاد عباس علي انڙ تي اسڪول دوران حملو، تحفظ لاءِ عدالت کان رجوع

Spread the love

سڪرنڊ (رپورٽ: راج ڪماراوڏ) سڪرنڊ تعلقي جي دليل ديرو جي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول احمد خان انڙ جي  پرائمري استاد عباس علي انڙ سڪرنڊ جي ايڊيشنل ڪورٽ ۽ اعلي احڪامن کي  درخواست ڏئي موقف اختيار ڪيو آهي ته  مان پنهنجي  اسڪول  ٻارڙن کي پڙهائي رهيو هئس ت

ه ڪجھ ماڻهڻ دمساز علي ملاح علي جان ملاح  جمشيد ملاح  فيصل ملاح ۽ ٻين  اسڪول ۾ ڀڃ ڊاھ ڪري ڪري مون تي حملو ڪيو ڳوٺاڻن پهچي مونکي بچايو ۽ هنئير مونکي مدڪوره جوبدار جاني  مارڻ جون ڌمڪيون ڏين ٿا ۽ مونکي ۽ معصوم شاگردن کي  حراسان ڪن پيا اهڙي درخواست بعد ڪورٽ سڳوري پوليس اسٽين پنهون خان چانڊيو کي ليٽر جاري ڪري تحفظ ڏيڻ جو حڪم جاري ڪيو آهي

 جڏهن ته پرائمري استاد عباس علي انڙ ميڊيا کي دانهيندي چيو ته ته مان اسڪول ڊيوٽي ڪري رهيو هئس ته  مدڪوره جوبدار اسڪول تي ڪاه ڪري ڀڃ ڊاھ ڪري مونکي تشدد جو نشانو بنايو ۽ ڳوٺاڻن وچ منهنجي جان بچائي جوبدار بااثر  هجڻ ڪري هنئر مونکي جاني مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ۽ حراسان ڪري رهيا آهن ۽ اسڪول جو ماحول تباه ڪري رهيا آهن

 هن چيو ته مونکي منهنجي گهر ڀاتين ڪوبه نقصان پهتو ان جا ذميوار مدڪوره جوبدار هوندا هن اعلي سحڪام کان مطالبو ڪيو ته مونکي تحفظ فراهم ڪري جوبدارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي.

مَي 10, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو