سڪرنڊ ۾ سيدنا امام علي رضا عليه السلام جو جشن ولادت وڏي عقيدت سان ملهايو ويو

Spread the love

سڪرنڊ ( رپورٽ: راج ڪماراوڏ ) ھر سال جيان ھن سال به انتهائي عقيدت ۽ احترام  سيال هائوس سڪرنڊ تي سيدنا امام علي رضا عليه السلام جن جوجشن ولادت زوار نيازعلي سيال ۽ سندس ڀائرن پاران ملھايو ويو

 جشن ولادت تقريب ۾ ضلعه شهيد بينظيرآباد جي مختلف شهرن ۽ سڪرنڊ سميت ننڍن وڏن ڳوٺن مان سوين ماڻھن شرڪت ڪئي ان دوران سيدنا امام علي رضا عليه السلام جن شان ۾ منقبت پڻ پيش ڪيون جيڪي مختلف شهرن مان آيل نوجه خوانن پيش ڪيون

جن ۾ مير نواز لاشاري ،  رياض ملاڻو ،  سھيل سيال ، حب علي سيال ، اڪبر کوسو، عديل شاھ ، غلام مصطفي قريشي ۽ ٻيا شامل آھن جشن ولادت تقريب ۾ علامه سائين بخش مناظري خصوصي بيان ڪندي چيو ته ڪي شخصيتون اهڙيون هونديون جيڪي امر ڪردار هونديون آهن ۽ ڪي وري ڪردار اهڙا هوندا آهن

جن کي قيامت تائين ياد ڪيو ويندو آهي اسين سمجهون ٿا ته سيدنا امام علي رضا عليه السلام به انهن عظيم هستين مان هو اهوئي سبب آهي اڄ اسين سڀ سندن محبت ۾ گڏ ٿيا آهيون

 هن وڌيڪ چيو ته امام علي رضا سائين جن جي باري ۾ اهائي فضيلت ڪافي آهي جو هُو پنجتن پاڪ جي گهراڻي منجهان هو ۽ پنجتن جو گهراڻو اهو گهراڻو آهي جو جنهن ان گهراڻي سان عقيدت ڪئي ان پنهنجي دنيا ۽ آخرت ٻئي سنواري ڇڏيون اسين پاڻ کي خوشنصيب سمججون ٿا جو ان گهراڻي جا پوئلڳ آهيون

ان کان اڳ جشن ولادت جي ميزبان زوار نياز علي سيال آيل مهمان  جو آڌر ڀااءُ ڪيو ان موقعي تي  سيد سبحان علي شاھ ، جاويد احمد زرداري ، زوار اميربخش ڪيريو ، قاضي جاويد سنائي ، حاجي خان سيال ، نعيم انصاري ، محمد صالح انڙ ۽ ٻيا شامل آھن جڏھن ته سيد بهار علي شاھ ڪمپيئرنگ ڪري پروگرام کي ترتيب وار ۽ خوبصورت بڻايو آخر ۾ جشن ولادت جي خوشيءَ ۾ آيل مهمانن لاءَ  نياز جو پڻ اهتمام ڪيو ويو .

مَي 10, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو