سکر ضلعي چيئرمين سيد ڪميل حيدر شاهه پاران ملڪ جي موجوده صورتحال تي اهم پريس ڪانفرنس
سکر (بيورو رپورٽ: ماجد منگي ) ضلعي ڪائونسل سکر جي چيئرمين سيد ڪميل حيدر شاهه سکر پريس ڪلب ۾ ملڪ جي موجوده صورتحال بابت هڪ اهم پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته اڄ جو ڏينهن پاڪستاني قوم لاءِ يادگار بڻجي ويو آهي،
ڇو ته اسان جي بهادر فوج دشمن جي سازشن کي ناڪام بڻائيندي تاريخي جوابي ڪارروائي ڪئي آهي۔هن ٻڌايو ته پاڪ فوج ڏينهن جي اجالَي ۾ ڀارتي فوجي تنصيبن تي ڪاري ضرب هڻي، دشمن جا هوائي اڏا تباهه ڪري ڇڏيا۔ هن چيو ته هي صرف هڪ “ٽريلر” هو، جيڪڏهن جنگ مڙهي وئي ته پاڪستان هر لحاظ سان دفاع ۽ جوابي ڪارروائي لاءِ مڪمل تيار آهي۔هن چيو ته اسان امن جا خواهشمند آهيون، پر جيڪڏهن جنگ زبردستي مڙهي وئي ته سڄي قوم پنهنجي فوج سان گڏجي دشمن کي ڀرپور جواب ڏيندي۔
ڪميل حيدر شاهه چيو ته ڀارت هن وقت شديد بوکلاهٽ جو شڪار آهي ۽ الزام تراشيون ڪري رهيو آهي، جڏهن ته پاڪستان واضع حڪمت عملي سان جرياڻو جواب ڏنو آهي۔هن وڌيڪ چيو ته پاڪستاني قوم پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي ۽ ڀارت کي هن جارحيت جي قيمت ضرور ادا ڪرڻي پوندي۔ هن پاڪستان کي ايٽمي طاقت بڻائڻ تي اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو ۽ سائنسدان ڊاڪٽر عبدالقدير خان کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته سندن قربانين سبب پاڪستان هڪ مضبوط دفاعي قوت بڻجي چڪو آهي۔ضلعي چيئرمين عوام کي اپيل ڪئي ته افواهن تي ڌيان نه ڏين، توهان جا عوامي نمائندا حالتن کان مڪمل باخبر ۽ سرگرم آهن۔
هن اعلان ڪيو ته سکر جي سڀني سرڪاري اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي ۽ عوام جي تحفظ لاءِ سڀ وسيلن کي استعمال ڪيو پيو وڃي۔هن وڌيڪ ٻڌايو ته سرڪاري ملازمن جون موڪلون منسوخ ڪري کين هدايتون جاري ڪيون ويون آهن، جڏهن ته جنگي حالتن ۾ احتياطي تدبيرن بابت عوامي آگاهي مهم پڻ شروع ڪئي وئي آهي۔
هن چيو ته سڀني مڪتب فڪر جي ماڻهن، مذهبي اڳواڻن ۽ سول سوسائٽي سان گڏجي قومي يڪجهتي جو عملي مظاهرو ڪيو پيو وڃي۔سيد ڪميل حيدر شاهه ٻڌايو ته سڀاڻي سکر ميونسپل اسٽيڊيم ۾ هڪ جنگي مشق (ڊرل) ڪئي ويندي ته جيئن هنگامي حالتن ۾ شهرين جي تياري ۽ ردعمل کي بهتر بڻائي سگهجي۔
ان کان علاوه، پاڪ-ڀارت بارڊر تي مقرر جوانن سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ سکر ضلعي پاران مختلف وفد صالح پٽ ۽ ٻين سرحدي علائقن جا دورا ڪندا۔آخر ۾ هن چيو ته هي وقت قومي يڪجهتي جو آهي۔ اسان سڀني کي پنهنجي ذاتي رنجشن کي وساري، ملڪ جي سلامتي ۽ دفاع کي ترجيح ڏيڻ گهرجي۔ پاڪ فوج جي حوصلي ۽ بهادري تي سڄي قوم کي فخر آهي۔
مَي 10, 2025