ڪترينا جي ڪهڙي فلم ۾ وڪي ڪوشل کي رجيڪٽ ڪيو ويو هو؟
ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي پسنديدهه زال مڙس جوڙن مان هڪ ڪترينا ڪيف ۽ وڪي ڪوسل بابت تازو ئي اداڪار شارب هاشمي ڳالهايو آهي.
ڀارتي ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ شارب هاشمي ٻڌايو ته ڪترينا ڪيف جي هڪ فلم لاءِ وڪي ڪوشل جو آڊيشن ڪيو ويو هو، ان کان پوءِ ڊائريڪٽر سوڌو ٻين ميمبرن فيصلو ڪيو ته اهو ڪردار وڪي لاءِ سوٽيبل ناهي.
شارب هاشمي موجب ان کان پوءِ وڪي جي جاءِ تي هن کي ڪردار پيش ڪيو ويو جيڪو هن قبول ڪري ورتو.
اها فلم 2012ع ۾ رليز ٿيل ”جب تڪ هي جان، هئي جنهن ۾ ڪترينا ڪيف، شاهه رخ خان ۽ انوشڪا شرما مُک ڪردار نڀايا هئا.
