پاڪستان ۽ ڀارت مڪمل جنگبندي لاءِ تيار، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو اعلان

Spread the love

واشگنٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت فوري ۽ مڪمل جنگبندي لاءِ تيار ٿي ويا آهن. اِهو اعلان هن پنهنجي سماجي رابطن واري پليٽفارم ”ٽرٿ سوشل“ تي ڪيو، جنهن جو اسڪرين شاٽ بعد ۾ ايڪس تي به شيئر ڪيو ويو.
صدر ٽرمپ پنهنجي بيان ۾ چيو ”مان ٻنهي ملڪن کي ذهانت ۽ تدبر جو مظاهرو ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيان ٿو.“
ٻئي پاسي، آمريڪا جي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو پڻ هڪ ٽوئٽ ذريعي تصديق ڪندي چيو آهي ته ” وينس ۽ مان سينيئر ڀارتي ۽ پاڪستاني عملدارن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، جن ۾ وزيراعظم نريندر مودي، شهباز شريف، ڀارتي پرڏيهي وزير ايس. جي. شنڪر، پاڪ فوج جي سربراهه جنرل عاصم منير ۽ قومي سلامتي جي صلاحڪار اجيت دوول ۽ عاصم ملڪ شامل هئا.“
مارڪو روبيو وڌيڪ چيو ته ” مان هي اعلان ڪندي خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان ته ڀارت ۽ پاڪستان جي حڪومتن فوري جنگبندي تي اتفاق ڪيو آهي ۽ هڪ اڻ ڌري هنڌ تي اهم مسئلن تي ڳالهين جي شروعات ڪئي وئي آهي، ٻنهي ملڪن جي وزيراعظمن مودي ۽ شريف جي دانائي، سمجهه ۽ ڏاهپ کي ساراهيون ٿا.“

مَي 10, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو