پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ”مڪمل جنگبندي“، اڳتي ڇا ٿيندو؟

ڀارتي اڳرائي، پاڪستان جي منهن ٽوڙ جواب کان آمريڪي ٽياڪڙي تائين 4 ڏينهن تائين جاري رهندڙ ڇڪتاڻ دوران ڇا ڇا ٿيو؟
ڪراچي (ويب ڊيسڪ )چئن ڏينھن تائين جاري رھندڙ سرحدي ڇڪتاڻ ۽ حملن کانپوءِ پاڪستان ۽ ڀارت نيٺ جنگبند تي راضي ٿي ويا آهن، ٻنهي ملڪن وچ ۾ جنگبندي اعلان کان وٺي ھنيئر تائين ڪهڙا اهم قدم کنيا ويا انهن جي تفصيل هن ريت آهن.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان جنگبدي جو اعلان
ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ جنگبندي جو اعلان سڀ کان پهرين آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي ’ٽروٿ سوشيل‘ اڪائونٽ تي ڪيو، جتي هن واضح طور ٻڌايو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ آمريڪا ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪيو آهي، بعد هن ان اعلان جو اسڪرين شاٽ ’ايڪس‘ تي به پوسٽ ڪيو.
پاڪستاني پرڏيهي وزير جي تصديق
پاڪستان جي پرڏيهي وزير ۽ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار به سوشل ميڊيا تي اعلان ڪندي چيو ته پاڪستان فوري جنگبندي تي راضي ٿي ويو آهي.
هن ٻڌايو ته ان سفارتي مهم ۾ 36 ملڪ شامل هئا، جن ۾ ترڪي، سعودي عرب ۽ آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو به اهم ڪردار ادا ڪيو.
ڀارتي پرڏيهي کاتي جو ردعمل
پاڪستان طرفان تصديق کان ٿوري دير پوءِ ڀارتي پرڏيهي سيڪريٽري وڪرم مسري به جنگبندي جي تصديق ڪندي چيو ته ڀارت ” زميني، هوائي ۽ سامونڊي هر قسم جي فوجي ڪارروائي روڪڻ “ تي راضي ٿي ويو آهي.
مستقبل جي ڳالهين جو امڪان
بي بي سي اردو موجب، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سومر ڏينهن (12 مئي) تي ٻيهر ڳالهين جو امڪان آهي، جتي وڌيڪ نڪتن تي ويچاريو ويندو.
ڀارتي بچاءُ واري وزارت جو موقف
ذريعن موجب، ڀارتي وزارت دفاع جي آفيسرن هڪ پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته جنگبندي قبول ڪرڻ باوجود ڀارت پنهنجي بچاءَ لاءِ مڪمل طور تي الرٽ رهندو.
پاڪستان جون هوائي حدون بحال
سيز فائر جي اعلان کانپوءِ پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي اعلان ڪيو آهي ته ملڪ جون هوائي حدون هاڻي هر قسم جي فلائيٽ آپريشن لاءِ مڪمل طور تي کوليون ويون آه، ۽ سڀئي ايئرپورٽس معمول موجب فلائيٽ آپريشن لاءِ دستياب آهن.