”سڄي دنيا جي سِک برادري ڀارت جي ظلمن خلاف پاڪستان سان گڏ آهي“

Spread the love

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي اقليتي معاملن واري وزير سردار رميش سنگهه اروڙا چيو آهي ته سڄي دنيا جي سِک برادري ڀارت جي ظلمن خلاف پاڪستان سان گڏ آهي.
هڪ بيان ۾ هن چيو ته ڀارت امرتسر ۽ گولڊن ٽيمپل تي فالس فليگ آپريشن ڪيو، عورتن ۽ ٻارن کي نشانو بڻايو، بيگناهه ٻارڙن جو رت پُڇي رهيو آهي ته انصاف ڪنهن کان گهرون؟ ڀارت سِک-مسلم ڀائيچاري کي نقصان پهچائڻ چاهي ٿو.
سردار رميش چيو ته پاڪستان، ڀارت جي ابتڙ ڪڏهن به سکن جي مذهبي هنڌن کي نشانو نه بڻايو آهي.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ سڀني اقليتن جا حق محفوظ آهن ۽ سندن عزت ڪئي وڃي ٿي.
هن چيو ته دنيا جي سِک برادري کي مڪمل اعتماد آهي ته پاڪستان ڪڏهن به سندن مذهبي هنڌ تي حملو نه ڪندو.
مودي سرڪار بابت ڳالهائيندي سردار رميش چيو ته ڀارت ۾ رهندڙ اقليتون پاڻ کي غير محفوظ محسوس ڪن ٿيون، اڄ ڀارت ۾ عيسائي، ڪشميري، سِک، مسلمان سڀ پريشان آهن.
هن چيو ته ”امن اسان جي خواهش آهي، ڪمزوري نه!“ هن اهو به واضح ڪيو ته ڪرتاپور راهداري اڄ به کليل آهي ۽ سِک ياترين جون ويزائون ختم نه ڪيون ويون آهن.

مَي 10, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو