الله پاڪستان کي سرخرو ڪيو، فوج ۽ حڪومت کي شاباشي ڏيان ٿو: نواز شريف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) جي صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته الله جو شڪر آهي، جنهن پاڪستان کي سرخرو ڪيو ڪيو.
نواز شريف چيو ته مان وزيراعظم شهباز شريف، آرمي چيف جنرل عاصم منير، ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر ۽ پاڪ فوج کي دل جي گهراين سان شاباش ۽ مبارڪباد ڏيان ٿو.
اڳوني وزيراعظم جو چوڻ هو ته پاڪستان امن پسند ملڪ آهي، جيڪو هميشه امن کي ترجيح ڏئي ٿو، پر پنهنجو دفاع به ڪرڻ ڄاڻي ٿو.