سکر: ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو سکر بشریٰ منصور جي صدارت هيٺ قدرتي آفتن کان بچاءَ لاءِ گڏجاڻي ٿي گذري
سکر (رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ) ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو سکر بشریٰ منصور جي صدارت هيٺ امڪاني برساتن، سيلاب ۽ قدرتي آفتن کان بچاءَ لاءِ اڳواٽ تيارين جو جائزو وٺڻ جي سلسلي ۾ ڊسٽرڪٽ ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (ڊي ڊي ايم اي) جي اهم گڏجاڻي ٿي گذري. ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو بشریٰ منصور چيو تہ امڪاني برساتن کان اڳ سموري تياري مڪمل ڪئي وڃي ۽ سمورا ادارا گڏجي ڪم ڪن تہ جيئن عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت کي يقيني بڻائي سگهجي.
اي ڊي سي بشریٰ منصور ميونسپل اختيارين کي هدايت ڏيندي چيو تہ امڪاني ٻوڏ ۽ برساتي پاڻي جي نيڪال جي مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڊسپوزل اسٽيشن کي مڪمل فنڪشنل بڻائي اسٽينڊ بائي جنريٽرز جي موجودگي کي يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته هنگامي صورتحال ۾ رابطي کي مستحڪم بڻائڻ لا ڊسٽرڪٽ ڊزاسٽر ايمرجنسي ڪنٽرول روم ڊي سي آفيسر ۾ قائم ڪيو ويو آهي جنهن جي فوڪل پرسن اي ڊي سي-ٽو کي مقرر ڪيو ويو آهي,
ايمرجنسي ڪنٽرول روم 24 ڪلاڪ فنڪشنل رهندو جنهن ۾ سمورن کاتن جا عملدار شفٽ وائيز ڊيوٽيون سرانجام ڏيندا تہ جيئن ڪوآرڊينيشن کي وڌيڪ مضبوط ڪري سگهجي,
ان سلسلي ۾ امڪاني برساتن ۽ ٻوڏ دوران رضاڪاراڻہ طور تي ڪم ڪندڙن جي لسٽ پڻ ڊي سي آفيس ۾ قائم ڪنٽرول روم کي فراهم ڪئي وڃي تہ جيئن انهن کي فرسٽ ايڊ بابت ٽريننگ ڪرائي سگهجي.
اي ڊي سي ٽو چيو تہ شهر جي ھيٺاھين وارن علائقن لاءِ خاص ڪانٽيجنسي پلان جوڙيو وڃي تہ جيئن شھرين کي ايندڙ امڪاني برساتن دوران ڪنهن پريشاني کي منهن ڏيڻو نہ پوي, اڳواٽ ڊرينيج جي سسٽم کي بهتر بڻايو وڃي،
گندي پاڻي جي نالن ۽ کوهن جي صفائي ڪرائي وڃي. ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو ميونسپل ڪارپوريشن جي آفيسرن کي هدايت ڪئي تہ وڌندڙ گرمي جي پيش نظر گذريل سال جيان ساڳين ھنڌن تي هيٽ اسٽروڪ ڪيمپس بہ لڳايا وڃن. هن چيو ته سمورن کاتن جا عملدار ڪنهن ہه هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ هر وقت تيار رهن.
ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ياسر گبول ٻڌايو تہ هر حوالي سان تياري مڪمل آهي، اسپتالن اندر الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي، ڊاڪٽرس سميت سموري پيراميڊڪ اسٽاف کي پابند بڻائڻ جي حوالي سان آگاهي ڏني وئي آهي, اسپتالن اندر ايمبولنسز ۽ دوائن جي موجودگي کي پڻ يقيني بڻايو ويندو. اجلاس ۾ روينيو, پوليس, رينجرز, ميونسپل, صحت سميت ٻين سمورن لاڳاپيل کاتن جي عملدارن پڻ شرڪت ڪئي.
مَي 9, 2025