ملير : عالمي انساني حقن جي پڌرنامي تي سيمنار منعقد
ملير (ذوالفقار علي نصيراڻي) عالمي انساني حقن جي پڌرنامي تي سيمنار، سنڌ حڪومت جي انساني حقن جي کاتي پاران 8 مئي تي همدرد يونيورسٽي ۾ “عالمي پڌرنامي تي سيمنار منعقد ڪيو ويو
جنهن ۾ سنڌ جي وڏي جي خاص معاون راج بير سنگهه سوڍا، ڊائريڪٽر آغا فخر حسين (انساني حقن)، اقبال ڏهو (ڪميشن)، وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر سيد شبيب الحسن، ڊين سوشيال سائنسز اسدالله لاڙڪ (همدرد يونيورسٽي)، ۽ ٻين ڪيترن ئي پروفيسرن شرڪت ڪئي.
سيمنار ۾ خاص مهمان طور ڊاڪٽر منير، ڊاڪٽر انجم، ڊاڪٽر ساميع هئا، جڏهن ته 250 کان وڌيڪ شاگردن ۽ شاگردياڻين وڏي انگ ۾ شريڪت ڪئي سيمنار دوران انساني حقن تي تفصيل سان روشني وڌي وئي ان موقعي تي هر مقررن موجوده دور ۾ انساني حقن جي اهميت بابت تفصيلي ڳالهيون ڪيون ۽ شاگردن کي آگاهه ڪيو ته ڪهڙا سرڪاري شعبا هن سلسلي ۾ ڪهڙي طريقي سان ڪم ڪري رهيا آهن. ڊائريڪٽر آغا فخر حسين پنهنجي شعبي جي مڪمل بريفنگ ڏني ۽ شڪايت سيل (ڪمپلين سيل) جي ڪم بابت به ڄاڻ ڏني،
معاون خاص راج بير سنگهه سوڍا شاگردن ۽ يونيورسٽي جي پروفيسرن کي خطاب ڪندي چيو ته “پارٽي مونکي چونڊيو آهي ۽ انساني حقن وارو شعبي ڏنو ويو آهي. مان هن شعبي ۾ وڌيڪ سڌارا آڻڻ جو خواهشمند آهيان.” هن وڌيڪ چيو ته، “توهان ڪنهن به وقت مون سان ملاقات ڪري سگهو ٿا.”
هن زور ڀريو ته انساني حق هر ماڻهو جي جنم سان ئي شروع ٿي ويندا آهن، هن اهو به ٻڌايو ته اسان سنڌ جي 30 يونيورسٽين ۾ اهڙا سيمنار منعقد ڪري شاگردن کي انساني حقن جا ايمبيسيڊر بڻائڻ چاهيون ٿا، سوال جواب واري سيشن دوران شاگردن ڪيترائي سوال پڇي سيمنار کي دلچسپ بڻايو. سيمنار جي انتظاميه ۾ نذير احمد خاصخيلي، سعيد سومرو، نازيه ناز، ڪرن زبير، ۽ ارشاد شامل هئا.
مَي 9, 2025