ملير: اسٽيل مل انتظاميا پاڻي فراهم ڪرڻ واري معاهدي کي ٿڏي ڇڏيو
ملير(ذوالفقار علي نصيراڻي ) اسٽيل مل انتظاميا پاڻي فراهم ڪرڻ واري معاهدي کي ٿڏي ڇڏيو، گلشن حديد جو 5 ڏينهن کان پاڻي بند، بورينگ جو پاڻي سخت کارو ٿي ويو،
ٽينڪر بليڪ تي وڪرو، پاڻي جو شديد بحران، رهواسي عذاب ۾ مبتلا، انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن وچ واٽر بورڊ طرفان پاڻي فراهم ڪرڻ تائين پاڻي ڏيڻ جي معاهدي باوجود سخت گرمي ۾ بجليءَ جو فالٽ ڄاڻائي پاڻي بند ڪري ظلم ڪيو ڪيو آهي، شام تائين پاڻي فراهم نه ڪيو ويو ته قومي شاهراھ بند ڪنداسين
رهواسي تفصيل موجب اسٽيل مل انتظاميا معاهد کي ٿڏي گلشن حديد جو 5 ڏينهن کان پاڻي بند ڪري ڇڏيو آهي پاڻي جي سطح هيٺ ٿيڻ بورينگ جو پاڻي سخت کارو ٿيڻ ۽ ٽينڪر بليڪ تي 8 هزار ۾ وڪرو ٿيڻ سبب علائقي ۾ پاڻي جو شديد بحران پيدا ٿي ويو آهي جنهن سبب رهواسي سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن
ان سلسلي ۾ رهواسين عمير شاهد، سلطان احمد، علي محمد ۽ ٻين ٻڌايو ته ڏيڍ مهينو اڳ اسٽيل مل اانتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن وچ ۾ ڳالهين ٿيون هنيو
جنهن ۾ معاهدو ڪيو ويو هو ته واٽر بورڊ طرفان پاڻي فراهم ڪرڻ تائين اسٽيل مل گلشن حديد کي پاڻي ڏيندي رهندي معاهدي باوجود سخت گرمي ۾ بجليءَ جو فالٽ ڄاڻائي 5 ڏينهن کان پاڻي بند ڪري ظلم ڪيو ويو آهي هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن شام تائين پاڻي بحال نه ڪيو ويو ته قومي شاهراھ بند ڪري ڇڏينداسين.
مَي 9, 2025