سانگهڙ نيشنل پريس ڪلب جي صحافتي وفد صدر نيشنل پريس ڪلب محمد الياس انجم ڪليار جي اڳواڻي ۾ ايس ايس پي سانگهڙ سان ملاقات
سانگهڙ(رپورٽ:شاهنواز رونجهو) سانگهڙ نيشنل پريس ڪلب جي صحافتي وفد صدر نيشنل پريس ڪلب محمد الياس انجم ڪليار جي اڳواڻي ۾ ايس ايس پي سانگهڙ غلام نبي ڪيريو سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي صدر محمد الياس انجم ضلعي سانگهڙ جي صحافين جي مسئلن ۽ خاص طور تي ڪرمنل رپورٽنگ دوران پيش ايندڙ مشڪلاتن بابت تفصيلي ڄاڻ ڏني.
ٻئي طرف ايس ايس پي غلام نبي ڪيريو نيشنل پريس ڪلب جي وفد کي ضلعي جي امن امان بابت تفصيلي بريفنگ ڏيندي چيو ته ضلعي سانگهڙ ۾ ڏوهن جي وارداتن لاءِ ڪا به جاءِ نه آهي. سانگهڙ پوليس رات ڏينهن چورن، ڏاڪن ۽ منشيات وڪرو ڪندڙن جي گرفتاري لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي.
ضلعي ۾ ڏوهارين خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي ۽ انهن کي گرفتار ڪري عدالتن ۾ پيش ڪيو پيو وڃي ته جيئن انهن کي قانون مطابق سزا ملي سگهي. هن چيو ته مثبت صحافت سماج ۾ سڌارو آڻيندي آهي، ۽ نيشنل پريس ڪلب سانگهڙ جي ٽيم صدر محمد الياس انجم ڪليار جي اڳواڻي ۾ بهترين صحافتي ذميواريون نڀائي رهي آهي. منهنجو ۽ سانگهڙ پوليس جو نيشنل پريس ڪلب جي صحافين سان سدائين مثبت لاڳاپو رهيو آهي. صحافي پوليس لاءِ اکين جو ڪردار ادا ڪن ٿا. ضلعي سانگهڙ ۾ امن امان جي قيام لاءِ پوليس ۽ صحافين جو اهم ڪردار آهي. ايس ايس پي غلام نبي ڪيريو چيو ته هو پنهنجن مصروفيتن مان وقت ڪڍي جلد ئي نيشنل پريس ڪلب سانگهڙ جو سرڪاري دورو ڪندو.
ان موقعي تي نيشنل پريس ڪلب جا سينيئر نائب صدر سيف الله مغل، جنرل سيڪريٽري اي ڊي ڪنڀر، نائب صدر وقاص احمد رحماني، جوائنٽ سيڪريٽري غلام مرتضى آرائين، فنانس سيڪريٽري اشفاق سلهري، ليگل ايڊوائيزر محمد سليم ملڪ، اليڪشن ڪمشنر ۽ چيئرمين ورڪنگ ڪميٽي محمد قذافي ۽ عزيزالرحمان رند پڻ موجود هئا.
مَي 9, 2025